ڪراچي جا واپاري حڪومت ۽ عمران ۾ ڳالهين ۽ ڀارت سان واپار جا آس وند

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ واپارين وزيراعظم شهباز شريف کي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان ڳالهيون ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. واپارين سان ملاقات دوران ڪاروباري شخصيتن وزيراعظم کي عمران خان سان ڳالهيون ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي. واپارين وزيراعظم کي ڀارت سميت ٻين پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا ڪرڻ جي به تجويز ڏني. عارف حبيب گروپ جي سربراهه عارف حبيب چيو ته اوهان پيپلز پارٽي سميت ٻين پارٽين سان هٿ ملايو مان چاهيان ٿو ته اوهان هڪ هٿ پاڙيسري ملڪ ڀارت سميت ٻين ملڪن سان ملايو ۽ هڪ هٿ اڊيالا جيل ۾ رهندڙن سان ملايو اوهان اسٽاڪ مارڪيٽ کي مٿي پهچايو پر بجلي جي قيمت به گهٽ ڪريو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان کي واپاري ڪميونٽي جي ضرورت آهي، اوهان اچي ويا آهيو، اميد آهي ته ايندڙ پنجن سالن ۾ ايڪسپورٽ ٻيڻي ٿي ويندي. پاڪستان ترقي جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ويو هو هاڻ ان کي اڳيان آڻڻو آهي، اسمگلنگ جي خاتمي تي زور ڏئي رهيا آهيون ان جي ڪري روينيو گهٽ ٿي ويو. حڪومت جو ڪم انڊسٽري هلائڻ نه پاليسي ٺاهڻ آهي، ڪارخانا هلائڻ واپارين جو ڪم آهي جنهن جي لاءِ واپارين جا جائز مطالبا پورا ڪنداسين. واپارين جو ڌيان ايڪسپورٽ وڌائڻ تي هجڻ گهرجي. واپاري برادري ملڪي معيشت جو  ڪرنگهو آهي واپارين سان مشوري سان سٺيون پاليسيون ٺاهينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.