قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ غيرقانوني ڀرتيون، نيب نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيب قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ غير قانوني ڀرتين واري معاملي جو نوٽيس ورتو آهي. ذريعن موجب  نيب طرفان قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي خط مليو آهي، جنهن ۾ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ 2018ع کان مارچ 2024ع تائين اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر ۽ راجا پرويز اشرف جي دور ۾ ڪيل ڀرتين جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن. خط ۾ ڀرتين جي طريقيڪار تي جواب طلب ڪيو ويو آهي ته ڀرتين جي منظوري ناڻي واري وزارت ڏني آهي يا نه، ڀرتين لاءِ ٽيسٽ ۽ انٽرويو ورتا ويا يا نه؟ نيب اهو به سوال اٿاريو آهي ته اخبارن ۾ ڀرتين جا اشتهار شايع ٿيا يا نه، ڊيلي ويجز، ڪانٽريڪٽ ۽ مستقل ملازمن جا الڳ الڳ تفصيل ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.