ڪي پي ۾ سونيا شمروز پهرين عورت اسسٽنٽ آءِ جي پوليس مقرر

پشاور(م ڊ) انٽرنيشنل ايسوسي ايشن آف وومين پوليس ايوارڊ کٽڻ واري واحد مسلمان عورت سونيا شمروز کي خيبرپختونخواهه جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسسٽنٽ انسپيڪٽر جنرل آف پوليس (اي آءِ جي) اسٽيبلشمينٽ مقرر ڪيو ويو.ايبٽ آباد ضلعي سان تعلق رکندڙ سونيا شمروز ڊي پي او چترال ۽ ڊي پي او بٽگرام طور ڪم ڪري چڪي آهي. سونيا شمروز 2013ع ۾ پوليس سروس  ۾ شامل ٿي ۽ مختلف ضلعن ۾ اي ايس پي ۽ ڊي پي او طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪي آهي.جيو نيوز سان ڳالهائيندي سونيا شمروز چيو ته هاڻي کيس تمام سٺيون ذميواريون مليون آهن، صوبي ۾ عورت آفيسرن کي مرد آفيسرن جي ڀيٽ ۾ برابر حق ڏنا پيا وڃن، ڪڏهن ڪنهن به عهدي لاءِ ڪنهن کان سفارش ناهي ڪرائي،هن چيو ته گذريل هڪ سال ۾ ڪي پي ۾ عورت آفيسرن جي مقرري جي لاڙي ۾ واڌ ٿي آهي،مون کي ايوارڊ جبري شادين ۽ عورتن تي تشدد جي روڪٿام جي حوالي سان مليا آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.