جيڪب آباد ۾ جي يو آءِ پاران مغوين جي آزادي لاءِ مارچ

جيڪب آباد (ڊ ر)جمعيت علماءِ اسلام پاران جي يو آءِ سالار ثناءُ الله سومرو، معصوم پرياڪماري، فضيلا سرڪي، نويد لاشاري ۽ ٻين مغوين جي آزادي لاءِ  مارچ ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا غلام شبير، ڊاڪٽر عاشق حسين کوسو، شوڪت خان بلوچ، خالد محمود ۽ محمد عثمان مھر ڪئي. مارچ کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ چوٽ چڙهيل  آھي، مغوين جي آزادي لاءِ اعليٰ عملدارن جي جاچ ٽيمن جي دعوائن باوجود ٻوٽو نه ٻاريو ويو  آهي، ھنن چيو ته سنڌ ۾ مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ ڌاڙيلن جي علائقن جا سردار گرفتار ڪري ڪٽهڙي ۾ آندا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.