وڳڻ ۾ مڇي تلاءُ جي مالڪي تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

وڳڻ (رپورٽ: علي گل مغيري) وڳڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ چئوديري ڀرسان ورياڻي ۾ تنيا ۽ ڪوري برادري وچ ۾ کڏ جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾ ميراڻي برادري جو نوجوان 45سالا مختيار علي پٽ پيرل ميراڻي ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويو، جڏھن ته تنيا برادري جو هڪ نوجوان سراج تنيو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي نيو ويو، ذريعن موجب پاڻي جي کڏ جي مالڪي تان ڌرين ۾ جهيڙو هلندڙ ھو، جنهن بعد هن معاملي ٻيهر ڪر کنيو آهي، ٻئي طرف ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار هجڻ سبب وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي، ان ڏس ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته جهيڙو روڪڻ لاءِ اهلڪار پڻ مقرر ڪيا ويا آهن، قانون موجب ڌرين جي مدد ڪئي ويندي، جڏهن ته آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.