سکر واسي پوليس اهلڪار جو پٽ ڌاڙيلن وٽ قيد، 50 لک ڀنگ طلب

سکر(رپورٽر)سکر جي علائقي مائڪرو ڪالوني جي رهواسي ٽرئفڪ  پوليس هيڊ ڪانسٽيبل منظور حسين مشوري سکر پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانهيو آھي ته سندس پٽ شفيق احمد مشوري 3 رمضان المبارڪ تي ڪم سانگي گهران نڪتو جيڪو واپس ناهي موٽيو هن ٻڌايو ته نينگر جي ڳولا بعد خبر پئي ته هو غوثپور جي ڪچي ۾  ڌاڙيلن وٽ قيد آهي۔ ڌاڙيل  نينگر جي بازيابي لاءِ 50 لک رپيا ڀنگ گهريو آهي، هن ٻڌايو ته ايڏي وڏي رقم ڀرڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي آئي جي سنڌ سميت واسطيدار اعلي اختيارين کي اپيل ٿو ڪريان ته نوٽيس وٺي نينگر جي بازيابي لاءِ مدد ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.