حڪومت ٻڌائي ته ڳجهن ادارن ۾ ڪو جوابده آهي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني گم ٿيل بلوچن جي بازيابيءَ بابت درخواست تي ٻڌڻي 21  مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جڏهن ته جسٽس محسن اختر رمارڪس ڏنا آهن ته جيڪي ادارا قانون جي ماتحت آهن، اهي ته ريگيوليٽ ٿي وڃن ٿا، جيڪي قانون کان مٿانهيون ڪارروايون ڪن ٿا، انهن جي ريگيوليشن ڪهڙي آهي؟ جسٽس محسن اختر ڪياني گم ٿيل بلوچ شاگردن جي بازيابيءَ لاءِ داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، اٽارني جنرل منصور اعواڻ عدالت آڏو پيش ٿي گم ٿيل ماڻهن بابت رپورٽ پيش ڪئي. درخواست گذار جي وڪيل ايمان مزاري دليل ڏنا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته بچاءَ واري وزارت کان پڇي ٻڌايو وڃي ته ڳجهن ادارن اندر خود احتسابي جو ڪهڙو عمل آهي. ڇا ايجنسيز مان ڪو جوابده آهي؟خود احتسابي آهي جو نظر اچي؟ جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏيندي چيو ته واضح آهي ته رياست يا عدالتون ڪنهن دهشتگرد کي تحفظ نه ڏينديون، سوال تڏهن پيدا ٿئي ٿو ته جڏهن ڪو  قانون کان مٿانهون عمل ٿيندو آهي. جيڪڏهن ڪو دهشتگرد آهي ته ايف آءِ آر ڏيو، ايڪشن وٺو پر عدالت کان مٿانهين ڪارروائي نه ڪريو، هر اداري کي پنهنجي اختيارن جي حدن اندر رهي ڪم ڪرڻو پوندو. عدالت چيو ته آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ آءِ بي جي ڊي جيز تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي هئي، ان تي ڪنهن کي اعتراض آهن ته ان جا سبب ٻڌائي مطمئن ڪريو. ايڊووڪيٽ ايمان مزاري چيو ته جنهن ڏينهن نگران وزيراعظم هن عدالت آڏو پيش ٿيو، ان ئي ڏينهن هڪ بلوچ شاگرد کنڀيو ويو، پوءِ ٻئي ڏينهن ان گم ٿيل شاگرد کي راولپنڊي ۾ ڇڏيو ويو. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته درخواست ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي نشاندهي ڪئي وئي هئي، منهنجي راءِ روزي گم ڪيل ڪميشن جي خلاف ان لاءِ آهي ته اها انهن سان گڏ ئي ڪم ڪندي آهي، جن تي الزام هوندا آهن. هن چيو ته پوليس سمورن ادارن کان گهڻي بهتر آهي، ڇو ته اهي ڪارروائي سڀني جي سامهون ڪن ٿا، اسان ڏسي سگهون ٿا ته ڪارروائي سٺي ٿئي ٿي يا نه؟ پوليس وارن کي ته معطل به ڪري ڇڏيندا آهيون. هن چيو ته جن جو پيارو گم ٿي ويو آهي، اهو ڪو عام ماڻهو، وڪيل، جج جو ڪو مائٽ هجي ته ان جي اندر نفرت پئدا ڪندو آهي.  هن چيو ته هڪ گهر جو مرد آهي، ان جو ڀاءُ گم آهي ته ان جي ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ تي ڇا گذرندي هوندي. هن چيو ته جيڪي ادارا قانون جي ماتحت آهن، اهي ته ريگيوليٽ ٿي وڃن ٿا پر جيڪي قانون کان مٿانهان ٿي ڪارروائي ڪن ٿا انهن جي ريگيوليشن ڇا آهي؟ جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ٺيڪ آهي ڪم ڪار ۾ غلطي ٿي سگهي ٿي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته هو جوابده ناهي. ايجنسيز جو ڪردار ڪهڙي قانون تحت ٿيندو؟ جهڙي نموني ايف آءِ اي ۽ ٻين ادارن جو آهي. ڪميٽي جوڙي هئي، جنهن ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي آءِ بي، ڊي جي ايم آءِ هئا، ان بابت ٻڌايو؟ عدالت جي ان سوال تي اٽارني جنرل چيو ته اسان ان حوالي سان سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي. جنهن تي جسٽس محسن ڪياني چيو ته توهان آرڊر ۾ ترميم ڪرائڻ چاهيو ٿا ته الڳ درخواست داخل ڪيو ۽ عدالت کي مطمئن ڪيو. درخواستگذارن جي وڪيل جو چوڻ آهي ته جنهن ڏينهن وزيراعظم هتي بيان ڏئي ويو هو، ان ڏينهن هڪ ماڻهو کي کنڀيو ويو. ان مان ته ظاهر ٿئي ٿو ته وزيراعظم جي بيان جي ڪا به حيثيت ناهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني گم ٿيل بلوچن جي بازيابي واري درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 21 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.