سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا امتحان ملتوي، نئون شيڊول جاري

ڪراچي (م ڊ)سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ( ايس پي ايس سي) اڄ ٿيندڙ سمورا امتحان ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪشمنر ڪراچي طرفان 23 اپريل تي  ڪراچي ڊويزن ۾ عام موڪل واري اعلان کانپوءِ اهڙو فيصلو ڪيو ويو. ايس پي ايس سي موجب رياضي، ڪمپيوٽر ۽ ٻين سبجيڪٽن جي ليڪچررز ( بي پي ايس 17) جي ڀرتين لاءِ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي سمورن سينٽرن ٿيندڙ امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن. ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي سمورن سينٽرن تي امتحان 8 مئي 2024ع تائين ملتوي ڪيا ويا، جڏهن ته باقي شيڊول ۽ ايس او پيز ساڳيا رهندا.

  1. اسٽاڪ ايڪسچنيج ۾ تيزي جا نوان رڪارڊ، انڊيڪس بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جو هاڪاري ڏينهن رهيو، جتي 100 انڊيڪس نئين بلند ترين  سطح تي پهچي ويو. اڄ ڪاروباري ڏينهن جي شروعات سان ئي 100 انڊيڪس ۾ هاڪاري رجحان ڏسڻ ۾ آيو ۽ انڊيڪس 71 هزارن جي حد پار ڪري ويو. ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 523 پوائنٽن جي واڌ سان 71 هزار 433 پوائنٽن تي بند ٿيو، هڪ موقعي تي 100 انڊيڪس 71 هزار 861 پوائنٽن تي به ٽريڊ ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.