ملير جا قديم 20 ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاءِ نوٽيس، ماروئڙن جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) ملير جي علائقي گهگهر ڦاٽڪ ويجهو قائم قديم وسندين کي خالي ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، ٻيلي کاتي جي عملدارن 20 ڳوٺن کي خالي ڪرائڻ لاءِ زباني نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن اهڙي عمل خلاف ڳوٺاڻا احتجاجن روڊن تي نڪري آيا، گهگهر ويجهو مک قومي شاهراهه تي ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي مظاهري دوران ڳوٺاڻن  امين ڪلمتي، پير بخش ڪلمتي، جان محمد، ناٿو، محمد خان ڪلمتي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته ٻيلي کاتي کي 2019 ۾ 18 سئو ايڪڙ زمين الاٽ ٿيل آهي پر هن وقت هوءَ 10 هزار ايڪڙ زمين جي دعويٰ ڪري رهيا آهن، اسان جا قديمي ڳوٺ آهن اسان صدين کان هتي ويٺل آهيون اسان کي بيدخل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، هنن چيو ته هڪ پاسي ليڊ مافيا زمين تي قبضا ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف  قديم وسندين کي خالي ڪرائڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن اسان جا قديمي ڳوٺ جن ۾ اسان جي وڏڙن جا قبرستان، مال متاع ۽ ٻيون گهڻيون شيون آهن جن کي اسان ٻيلي کاتي يا ڪنهن ٻي کي ڪنهن به صورت ۾ حوالي نه ڪنداسين اسان جو جيئڻ مرڻ هتي آهي، ڳوٺاڻن وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته قديمي ڳوٺن تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪيا پيا وڃن انهن کي فوري طور تي روڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڳوٺاڻا پنهنجي ڳوٺن جي بچاءُ لاءِ روڊن تي نڪرندا.

  1. ملير مان 20 ڳوٺن خالي ڪرائي سنڌين کي ڪراچي مان ڪڍيو پيو وڃي

جهڏو (پ ر) عوامي تحريڪ جي کاهوڙي ڪردار ڪرم ڪلوئي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪي جو جلسي عام جهڏو ويجهو ڳوٺ امير بخش  ڪلوئي ۾ ٿيو. عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ڪرم ڪلوئي کي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي وئي. جلسي عام کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، اياز کوسو، ايڊووڪيٽ ممتاز کوسو، ڪرم ڪلوئي جي فرزند امر جليل ڪلوئي، رمضان ڪلوئي، ايڊووڪيٽ  اياز ڪلوئي، اشرف رند،  اسد نظاماڻي، نور محمد کوسو، عطا مگسي ۽ ٻين خطاب ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته ڪرم ڪلوئي قومي ۽ طبقاتي جدوجھد ۾ شاندار ڪردار ادا ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته  ملير جي 20 ڳوٺن کي خالي ڪرائي سنڌين کي ڪراچي مان زوري ڪڍيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌي قوم سخت خطرن هيٺ آهي. سنڌي عوام کي پرامن عوامي جدوجھد وسيلي سنڌ جو وجود بچائڻو پوندو. پيپلز پارٽي سنڌ جو دريا سنڌ جون زمينون وڪرو ڪيون آهن.ارسا ايڪٽ ۾ ڪيل غير قانوني ترميم واپس وٺي سنڌ کي حصي پتي جو پاڻي ڏنو وڃي. ھن چيو ته پيپلز پارٽي کي بوگس اليڪشنن ۾ کٽرائي سھولتڪاري ۾ سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪيو پيو وڃي، پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ ۽ وفاقي حُڪومت جي سهولت ڪار آهي. شڪارپور ويجھو پيپلز پارٽي اڳواڻ  جي گاڏي مان هٿيار ملڻ سان واضع ٿي ويو آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ کي ڪمائڻ جي انڊسٽري طور ھٿي وٺرائي  رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.