هاڻ ڪا ايمنسٽي اسڪيم نه ايندي، هوائي اڏا خانگايا ويندا: محمد اورنگزيب

دبئي(م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته هاڻي ايمنسٽي اسڪيم نه ايندي، عوام کي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. دبئي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته معاشي قدمن جو تعلق ڪنهن حڪومت سان نه پر ملڪ سان آهي، جون  تائين پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 9 کان 10 ارب ڊالر ٿي ويندا، جولاءِ تائين پي آءِ اي جي نجڪاري ڪئي ويندي. اسلام آباد ايئرپورٽ جي نجڪاري لاءِ ترڪي ۽ يورپ سان ڳالهيون جاري آهن، لاهور ۽ ڪراچي ايئرپورٽس جي به نجڪاري ڪئي ويندي. محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان وٽ هن وقت عالمي فنڊنگ جي کوٽ ناهي، هو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، هو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن، عالمي بئنڪ ”ڊجيٽل پاڪستان“ لاءِ 10 سالن لاءِ سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي . هن چيو ته هاڻي ايمنسٽي اسڪيم نه هوندي، عوام کي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو، اسان عالمي ادائگيون ڪاميابي سان ڪري رهيا آهيون، پاڪستان تي عالمي ادارن جو اعتماد بحال ٿي چڪو آهي، ٿوري عرصي لاءِ اماراتي بئنڪن کان ٽريڊ فنانس ملڻ جي اميد آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.