جماعت اسلامي طرفان لاهور ۾ سنڌين سان بدسلوڪي واقعي جي مذمت

ڪراچي(پ ر)جماعت اسلامي سنڌ جي ترجمان لاهور ۾ تربيتي ورڪشاپ لاءِ ويل سنڌ واسي ملازمن ۽ نياڻين سان بدسلوڪي  ڪرڻ واري واقعي جي سخت مذمت ڪندي واقعي جي اڻڌري جاچ ڪري ملوث ذميوارن خلاف سخت ڪاروائي جي گهر ڪئي آهي. هن اڄ هڪ بيان ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان پڻ هن واقعي جو نوٽس وٺڻ ۽ متاثرن کي انصاف ڏيارڻ جي گهر ڪئي، هن چيو ته 16 سالن کان سنڌ ۾ برسراقتدار پ پ قيادت سنڌ واسين جي مالڪيءَ کان وٺي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي. چار ڀيرا اقتدار ۾ اچڻ باوجود پيپلزپارٽي 1122 ريسيڪو ٽيمن کي تربيت ڏيڻ لاءِ ڪا اڪيڊمي به جوڙائي ڪونه سگهي جيڪا ڳالهه سندن نااهلي ۽ نالائقي جو چٽو ثبوت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.