ڪراچي ۾ 7 ڏينهن لاءِ ڊرون اڏامڻ تي پابندي

ڪراچي (رپورٽر)ايراني صدر جي ڪراچي آمد جي موقعي تي شهر ۾ 7 ڏينهن لاءِ ڊرون اڏامڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي. نوٽيفڪيشن موجب  شهر ۾ 22 اپريل کان 28 اپريل تائين ڊرون اڏڻ تي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، ڊرون اڏائڻ وارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. پرڏيهي شخصيتن جي آمد جي سلسلي ۾ اڄ ڪراچي جا مخصوص رستا به بند ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف ريلوي ترجمان جو چوڻ آهي ته مسافرن جي سهولت لاءِ سموريون ٽرينون درگا روڊ ۽ لانڍي اسٽيشن تي 2 منٽن لاءِ اسٽاپ به ڪنديون. ريلوي ترجمان موجب اها سهولت رڳو اڄ تائين فراهم ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.