پاڪستان خلاف سازشون ڪندڙ عمران کي هيرو بڻايو پيو وڃي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن واري  وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي پريس ڪلب ۾پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تھ عمران خان جو جھڳڙو  پيپلزپارٽي ياڪنهن ٻئي سياسي پارٽي سان ناهي پر عمران خان پاڪستان خلاف سازشون ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان آئون هر ڳالھھ جو دليل ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. ھن چيو تھ تاريخي ۽ ريڪارڊ ڌانڌلي ڪندي عمران خان کي وزيراعظم بڻايو ويو ھو ۽ کيس ڪنھن ايجنڊا تحت عمران خان کي ملڪ تي مسلط ڪيو ويو. ھن چيو تھ عمران هڪ ارب رپيا هيلي ڪاپٽر تي خرچ ڪيا. ھن چيو تھ وزير اعظم ھائوس ۾مينهون وڪڻڻ تي ايمانداري وارو ڊرامو ڪيو ويو، جنھن ۾ ريڪارڊ ڪرپشن ڪئي وئي. ھن چيو تھ عمران خلاف قانوني عدم اعتماد شروع ڪئي وئي ھئي، اھا آئيني هئي، عمران خان اڳوڻي آرمي چيف باجوا کي چيو ته سندن خلاف عدم اعتماد کي روڪرائي، عمران خان اسٽيبلشمينٽ ۽ فورسز جي ادارن کي بدنام ڪيو ۽ عمران جو موقف هيو ته رڳو کيس اقتدار ۾ رکيو وڃي. ھن چيو تھ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي انتھا پسند پاليسيءَ ڀاءُ کي ڀاءُ سان وڙهايو. ھن چيو تھ ڇا قانون اجازت ڏئي ٿو ته اسرائيل ۽ ڀارت کان فنڊنگ ڪئي وڃي، ڀارت ۽ اسرائيل ڇو فنڊنگ ڏيندا؟،  هن ملڪ ۾ نوجوانن جي ذهنن ۾ زهر ڀريو ھو. ھن چيو تھ عمران خان ڪڏهن الزام لڳائي ٿو ته سندن گهرواري کي زهر ڏنو پيو وڃي، دنيا کي اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته عمران خان جھڙو وڏو ترم خان ٻيو ڪوبھ ناھي. ھن چيو تھ عمران خان جيل اندران پارٽي پاليسي تحت بيان ڏئي ٿو ۽ جيل ۾سهولتون حاصل ڪري ٿو، ڇا پاڪستان  جي هر قيديءَ کي اهڙي سهولت آهي ته هو جيل ۾ ويهي پارٽي جي پاليسي ٺاهي. ھن چيو تھ ڇا آءِ ايم ايف کي خط نه لکيا ويا ته پاڪستان جي امداد بند ڪئي وڃي. ڇا اتي ڪو ٻيو هجي ها ته ان سان اهڙو رويو هجي؟، عمران خان کي وي آئي پي سهولتون ڏنيون پيون وڃن، اسان ڪڏهن نه چاهيو ته عمران خان جي گهرواري يا ڀيڻ جيل ۾ هجي، جيڪو ماڻهو صرف اقتدار جي حل رکندو هجي اهو ڪيئن مخلص ٿي سگهي ٿو، عمران خان کي هاڻي به اقتدار تي ويهاريو وڃي ته ماٺ ٿي ويندو، ڊاڪٽر اسرار عمران خان لاءِ ڇا ڇا چيو، اها ويڊيو ڪلپ ميڊيا ۾ هلائي وڃي. ھن چيو تھ صدر زرداري 14 سال جيل جون سختيون برداشت ڪيون پر ڪڏهن ملڪ خلاف سازش ن ڪئي نه ئي ڪڏهن پيپلزپارٽي ملڪ جي ڪنهن اداري کي نقصان رسايو، نوجوان نسل جي ذهن ۾ زهر ڀريو پيو وڃي، نوجوانن کي پيغام ٿو ڏئي ته انٽرنيت تي ٽرولنگ ۽ گهرن کان ٻاهر نڪرن، مان چوندس ته پنهنجي ٻارن کي ڇو نٿو چئي ته هتي اچي اهو سڀ ڪجهه ڪن. شرجيل انعام ميمڻ جو ججن جي خطن بابت صحافي جي سوال تي جواب ڏيندي چيو تھ ججن وارا خط تڏهن لکيا وڃن ها جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف سازش ٿي ھئي، ۽ ٻي ڏوهي سزا ڏني وئي، هي خط تڏهن لکيا وڃن ها جڏهن آصف علي زرداري 14 سال بيڏوهي جيل ۾رهيو، هي خط تڏهن لکيا وڃن ها جڏهن بينظير ڀٽو خلاف سازشون ٿيون، هي خط تڏهن لکيا وڃن ها جڏهن عمران جي بني گالا واري غير قانوني گهر کي قانوني قرار ڏنو ويو ھو، ڪاش ھي خط تڏهن لکيا وڃن ها جڏهن عمران جهڙي ڏوهاري ماڻهون کي مرسڊيز ۾ عدالت آندو ويو، هي خط تڏهن لکيا وڃن ها جڏهن جج عمران خان کي عدالت ۾ چيو ويو ته "گڊ ٽو سي يو”. ھن چيو تھ هاڻي ڇھھ مهينا به ناهن ٿيا،  جيل ۾ آهي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي عمران خان کي سزا ڏني وڃي ها، هاڻي عمران خان کي هيرو ٺاهڻ لاءِ اهڙا ڪم ٿيڻ پيا. ھن چيو تھ اسان لاءِ جج قابل احترام آهن، پي ٽي آئي سياسي جماعت ناهي. ھن چيو تھ عمران خان کي چوندس ته بلاول کان پڇي ته ميچورٽي ۽ ملڪ سان محبت ڪيئن ٿيندي آهي، آمريڪا ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان صحافي سوال ڪيو ته ان تي بلاول جواب ڏنو ته عمران خان منهنجو وزيراعظم آهي. ھن چيو تھ هڪ ڌر آهي جيڪا مايوسي پکيڙي پئي پر پاڪستان لاءِ هاڻي سٺيون خبرون اچڻ شروع ٿيون آھن. ھن چيو تھ پريس ڪلب جي صدر سان پريس ڪلب جي مسئلن ۽ صحافين جي مسئلن تحت تفصيلي ميٽنگ ٿي آهي، جيڪي پنهنجي قيادت تائين پهچائينداسين. ھن چيو تھ صحافين جي لائف انشورنس، ميڊيڪل انشورنس، پگهارون وقت تي ملڻ لاءِ قيادت جي هدايتن مطابق ڪم ڪري رھيا آھيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.