بجلي جا بل ادا نه ڪندڙن سبب ٻين گهرن جي بجلي بند ڪرڻ زيادتي آهي: ناصر شاهه

ڪراچي (رپورٽر ) توانائي، ترقي ۽ رٿابندي بابت صوبائيوزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته چند صارفين پاران بجلي جا بل ادا نه ڪرڻ سبب ٻين گهرن جي بجلي بند ڪرڻ ظلم آهي جيڪي پاپندي سان بجلي جا بل ڀريندا آهن، حڪومت ان حوالي سان جلد قدم کڻندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جي توانائي واري وزير چيو ته حڪومت صوبي ۾ بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين پاران اوور بلنگ، غير اعلانيل لوڊشيڊنگ، بجلي جي غير ضروري ڪٽ ڪندڙن سميت صارفن جي وڌندڙ شڪايتن تي ڳڻتي جوڳي آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو جي ويزن موجب توانائي کاتو صارفين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري رهيو آهي ۽ ان حوالي سان جلد قدم کنيو ويندو. ناصر شاهه پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته متبادل توانائي وقت جي اهم ضرورت آهي جڏهن ته سنڌ صوبي ۾ متبادل توانائي جا ذريعا لامحدود آهن. سنڌ جي توانائي کاتو انهن قدرتي متبادل توانائي ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ عملي قدمن ۾ مصروف آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو جو خواب صوبي جي هر گهر کي روشن ڪرڻ ۽ سولرائيزيشن ذريعي بجلي فراهم ڪرڻ آهي. ان ويزن تحت توانائي کاتو سنڌ صوبي جي پٺتي پيل علائقن ۾ پنج لک خاندانن کي سولر سسٽم فراهم ڪري رهيو آهي. ان کان علاوه عالمي بئنڪ جي سهڪار سان 2 لک گهرن کي سولرائيزيشن ذريعي بجلي فراهم ڪرڻ جو ڪم جاري آهي. ان کان علاوه چيئرمين جي منشور موجب ترقي ۽ رٿابندي کاتو 2 لک گهرن جي تعمير بابت تيزيءَ سان قدم کڻي رهيو آهي. وزير توانائي چيو ته متبادل توانائي جي منصوبن ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جا وڏا موقعا آهن ۽ ان حوالي سان سنڌ صوبو تمام گهڻو زرخيز آهي. ناصر شاهه چيو ته چئن وڏن سولر پارڪن جي حوالي سان به قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جي سنڌ کي ترقي يافته صوبو بڻائڻ جي ويزن موجب سنڌ ۾ هاءِ ويز، اوور هيڊ برجز، انڊر پاسز، سگنل فري، ڪوريڊورز، پاڻي ۽ نيڪال جي نظام جي حوالي سان ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن جڏهن ته صوبي جي ترقي ۽ عوام جي بهتري خوشحالي لاءِ پڻ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن. چيئرمين لاول ڀٽو ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ان حوالي سان عوام جي مسئلن ۽ تڪليفن کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت هدايتون ڏنيون آهن. پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت جي سهڪار سان ڪي فور منصوبي تي به ڪم ڪري رهيا آهيون. صوبائي وزير توانائي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو مختلف حوالن سان بجلي صارفين جي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ لاءِ نوٽيس ورتو آهي جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير به ان حوالي سان خاص هدايتون ڏنيون آهن. ناصر شاهه چيو ته ملڪ شمسي توانائي جي حوالي سان ملڪ گروپ آف ڪمپنيز جي قدمن ۽ تجويزن جي ڀرپور حمايت ڪندو. ان موقعي تي پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسي ايشن جي صدر ملڪ خدا بخش چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جي ويزن موجب هو سنڌ صوبي جي هر گهر کي روشن ڪرڻ لاءِ توانائي کاتي ۽ سنڌ حڪومت سان ڀرپور تعاون ڪنداسين. سنڌ حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ عملي قدم کڻڻ ۾ مصروف آهي. نوان رستا، هاءِ وي جو ڄار، فلائي اوور، انڊر پاس وغيره ان جا مثال آهن.  تقريب کي پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالسميع خان، مائي انرجي ڪمپني جي چيئرمين طارق وزير علي ۽ سي او او مائي انرجي محمد نديم مرزا، وائيس پريزيڊنٽ سني سن ٽيڪنالاجي ڪمپني ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.