ايراني صدر جو پاڪستان جو دور ۽ ٻنھي ملڪن جي مسئلا

ايران جو صدر ابراھيم رئيسي وفد سان گڏ پاڪستان جي ٽن ڏينھن جي دوري تي  پھتو آھي.جنھن جو وزيراعظم پاڪستان شاندار استقبال ڪيو.ٻئي مسلمان ملڪ پاڙيسري آھن،جن ۾ گھڻيون ئي ھڪجھڙايون آھن.ھن وقت جي علائقائي ۽ عالمي صورتحال جي پس منظر ۾ ايران جي صدر جو پاڪستان جو دورو خاص اھميت رکي ٿو. جيڪڏھن علائقائي سطح تي ڏسجي تھ غزا ۾ اسرائيل جي جاري جنگ،علائقي ۾ ڇڪتاڻ،عالمي سطح تي ايران مٿان اولهھ جي ملڪن جو مڙهيل پابنديون، آمريڪا جو خطي ۾ وڌندڙ اثر ۽ ٻنھي ملڪن جي اندر جاري دھشتگردي اھڙا موضوع آھن،جيڪي ڪنھن نھ ڪنھن حوالي سان بحث جو موضوع بڻبا.جديد دنيا ۾ ھڪ ٻئي جي تجربن ۽ ريسرچ مان سکڻ،ھڪ ٻئي جي سھڪار سان مسئلا حل ڪرڻ ۽ ٻنھي ملڪن جي عوام کي سھولتون فراھم ڪرڻ جو تصور موجود آھي.توقع ڪجي ٿي تھ ٻئي پاڙيسري ملڪن ذڪر ڪيل معاملن تي ڌيان ڏئي ڪري ھڪ ٻئي لاءِ فائدي ۽ سھڪار جو ھٿ وڌائيندا.

ايراني صدر ابراهيم رئيسي جو چوڻ آهي ته ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ پھرين مرحلي ۾ معاشي ۽ واپار  وڌائي ڪري  10 ارب ڊالر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي.پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون، تقريب ۾ ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف شرڪت ڪئي.ان ڏس ۾ ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ايران سان پراڻا ڀائپي وارا لاڳاپا آهن،.ايراني صدر سان سيڪيورٽي ۽ واپار سميت ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آھي. ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن، مذهب، ثقافت ۽ واپار تي ڳالهيون ٿيون آھن.وزيراعظم جو چوڻ ھو تھ ايران سان صديون پراڻا لاڳاپا آهن، جن کي اڄ اسان کي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوام جي بهتري لاءِ استعمال ڪرڻو آهي.

وزيراعظم چيو ته اسان جيڪي معاشي ترقي جا فيصلا ڪيا آهن، تن کي پڌرو ڪيو ويندو، مان توهان جي تعريف ڪرڻ چاهيان ٿو ته توهان غزا جي مسلمانن خلاف سخت موقف اختيار ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ غزه ۾ اهڙو ظلم ٿي رھيو آهي.جيڪو  ھن کان اڳ اسان ڪڏهن به نه ڏٺو ھو ۽ اڄ به سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ کي نظرانداز ڪيو پيو  وڃي ۽ اقوام متحده خاموش آهي، اسان کي فلسطين ۾ جنگ ختم ٿيڻ تائين آواز اٿارڻ گهرجي.

وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح ڪشمير جي وادي سندن رت سان سرخ ٿي وئي آهي، ڪشميرين جو آواز بلند ڪرڻ تي اوهان جو شڪريو ادا ڪيان ٿو.گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ايراني صدر، وزيراعظم پاڪستان حڪومت طرفان سندس شاندار استقبال ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو.هن چيو ته پاڪستان جي سرزمين اسان لاءِ احترام جوڳي آهي، فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، غزا جي عوام جي حمايت تي پاڪستان جي عوام کي سلام پيش ڪريان ٿو.

ابراهيم رئيسي چيو ته اسان سمجهون ٿا ته اڄ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ماڻهو اذيتن جو شڪار آهن ۽ اقوام متحده سميت عالمي تنظيمون جيڪي انساني حقن جي حمايت جو اعلان ڪن ٿيون انهن ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اهي نااهل آهن، اڄ پاڪستاني ۽ ايراني ۽ باشعور قومون فلسطين ۾ جاري آپريشن ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪن ٿا.

ايراني صدر چيو ته پاڪستان ۽ ايران ۾ تمام گهڻيون صلاحيتون آهن ۽ ٻنهي ملڪن  پاران ھڪ ٻئي جي صلاحيتن جي مٽا سٽا سان ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿيندو.هن دهشتگردي خلاف جنگ، منشيات جي خلاف جنگ سميت ڪيترن ئي معاملن تي ٻنھي ملڪن جي موقف گڏيل ھئڻ جو ذڪر ڪيو.سندس چوڻ ھو تھ مان وڏي جرئت سان چئي سگهان ٿو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ علائقائي، ٻه طرفي ۽ عالمي سطح تي سهڪار انساني حقن تي ٻڌل آهي.ٻنھي ملڪن ۾ سڪيورٽي معاملن،منشيات جي خاتمي، جانورن جي صحت جي شعبي ۾ به سھڪار بابت معاهدا ٿيا ۽ خاص اقتصادي زون جي قيام جي حوالي سان گڏيل تعاون جي معاهدي تي پڻ صحيحون ڪيون ويون.اوورسيز پاڪستان جي وزارت، انساني وسيلن جي ترقي، ايراني ڪوآپريٽو، سماجي ڀلائي واري وزارت جي وچ ۽ ايران جي اطلاعات واري وزارت ۽ ثقافت واري وزارت وچ ۾ فلمن جي مٽاسٽا لاءِ ميمورينڊم آف انڊراسٽينڊنگ تي صحيحون ڪيون ويون.

ان کان سواءِ پاڪستان اسٽينڊرڊ ڪنٽرول اٿارٽي، ايران جي نيشنل اسٽينڊرڊ آرگنائيزيشن ۽ ايران جي قانون ۽ انصاف واري وزارت جي وچ ۾ باهمي قانوني تعاون جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون.ايراني صدر ابراهيم رئيسي شهباز شريف سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران غزا جنگ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.ايران ۽ پاڪستان اھڙا ٻھ پاڙيسري ملڪ آھن،جيڪي عملي طور تي ھڪ ٻئي جي تجربن ۽ وسيلن مان لاڀ حاصل ڪرڻ چاھين تھ ٻنھي ملڪن کي گھڻو فائدو پھچي سگھي ٿو.ٻنھي ملڪن وٽ خاصو سامونڊي ڪنارو آھي.ايران وٽ پيٽرول ۽ گئس جا وڏا ذخيرا آھن،ايران پنھنجي محدود وسيلن ھوندي ٽيڪنالوجي ۾ پڻ خاص ترقي ڪئي آھي.پاڪستان جيڪڏھن ٿوري ھمٿ ڪندي ايران کان ايندڙ گئس پائپ لائين واري رٿا کي مڪمل ڪري تھ ان سان ملڪ جو خاصو ناڻو بچائي سگھجي ٿو.ٻنھي ملڪن ۾ ھن وقت دھشتگردي جو مسئلو گھڻو اھم آھي. جنھن مان آجي ٿيڻ لاءِ پاڻ ۾ سھڪار ڪرڻ سان باقي اھم معاملن طرف ڌيان ڏئي سگھجي ٿو.

جيڪڏھن سڌي ڳالھھ ڪجي تھ اھا بھ حقيقت آھي تھ ايران ۽ پاڪستان جي سرحد تان وڏي پئماني تي تيل جي اسمگلنگ ٿئي ٿي،جيڪڏھن ٻئي ملڪ ان کي قانوني شڪل ڏيئي ڪري غيرقانوني طور ايندڙ پيٽرول کي قانوني بڻائي ڇڏين تھ پڻ ان سان ملڪ جي معيشت تي ھاڪاري اثر پئجي سگھن ٿا.ھتي ھڪ ڳالھھ ھي پڻ اھم آھي تھ جيڪي معاھدا ٿيا آھن انھن جي پوئواري ڪندي ان تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي تھ پڻ ٻنھي ملڪن ۾ مثبت اثر ظاھر ٿيندا.ساڳي ريت جيڪي ايم او يو ٿيا آھن، انھن جي تلسلسل ۾ انھن بابت اڳتي ھلي ڪري معاھدا ڪرڻ ۽ انھن تي عمل ڪرڻ واري پاسي ڏانھن زور ڏجي تھ پڻ ٻنھي ملڪن جي ڀلائي ان سان ٿي سگھي ٿي.

اميد ڪجي ٿي تھ ٻنھي برادر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ۽ ڀائراڻي ٻھ طرفي دوستي کي ڪو بھ ختم نھ ڪري سگھندو ۽ ا ن مان ٻئي ملڪ فائدو حاصل ڪرڻ کان نھ ڪيٻائندا.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.