بلوچ نوجوانن جون گمشدگيون ۽ تشدد ٿيل لاش ملڻ تيز ٿي رهيا آهن: ماما قدير

ڪوئيٽا (م ڊ ِ) وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز جي گمشدگين خلاف احتجاجي ڪيمپ 5 هزار 422هين ڏينهن به پريس ڪلب آڏو جاري رهي  آهي ، تفصيلن موجب مستونگ کان سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن عبدالحيٰ بلوچ ، ظهير بلوچ، نذير بلوچ پاران گم ٿيل ماڻهن جي وارثن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، تنظيم جي وائيس چيئرمين ماما قدير بلوچ چيو آهي ته انساني حقن ۽ ڌرتي جي دفاع لاءِ آواز اٿاريندڙن کي گم ڪري تشدد ٿيل لاش ڏيڻ وارو هڪ اهڙو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي جنهن کي ڏسي ڪري يزيديت به شرمائي وڃي. هن چيو ته بلوچ نوجوانن کي گم ڪرڻ ۽ تشدد ٿيل لاشن ڏيڻ جو سلسلو ڏينهون ڏينهن شدت اختيار ڪري رهيو آهي، بلوچستان جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ بدامني عروج تي آهي، هن چيو ته گذريل مهيني وڏي تعداد ۾ حملو ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو آهي، ان کان علاوه گهرن مان روڪ رقم ۽ ٻيو سامان به ڦر ڪري فرار ٿي ويا. اهڙي صورتحال ۾ جتي هر طرف احتجاج ۽ لاش پکڙيل آهن، اتي گم ٿيل ۽ تشدد ٿيل لاشن تي حڪومتي موقف ۽ موجوده پاليسي ڪنهن ٺٺولي کان گهٽ ناهي، اها پاليسي پاڪستان جي فوجي ادارن جي ننگي جارحيت کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي. حقيقت ۾ اهي ڳجهيون ايجنسيون بلوچ قوم جي نسل ڪشي کي وڌيڪ شدت سان جاري رکڻ چاهين ٿيون، ته جيئن هو جنگ جو پنهنجو منافعو ڪاروبار جاري رکي ۽ هن وطن کي ٻنهي هٿن سان لٽي سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.