اڳوڻو سينيئر بيورو ڪريٽ روئيداد خان لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد (م ڊ ) اڳوڻو سينئر بيورو ڪريٽ روئيداد خان اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. روئيداد خان جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کيس ايڇ  اليون قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. روئيداد خان 28 سيپٽمبر 1923 تي مردان جي  هڪ ڳوٺ ۾ پيد اٿيو هو. هو پاڪستان جو سڀني کان وڌيڪ سينئر بيورو ڪريٽ هو، 1939ع ۾ گريجوئيشن ڪئي، هن 1946ع ۾ علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي مان ماسٽرز ڪيو ۽ آمريڪا، چين ۽ ڀارت ۾ پاڪستاني سفير جڏهن ته عاق ۽ سوڊان ۾ گڏيل قومن جي مشن جو سربراهه به رهيو. ان جي عمر 101 سال هئي، هن 1949ع ۾ سول سروس جوائن ڪئي هئي.ڊگهي ڪيريئر دوران روئيداد خان مختلف اهم پوسٽن تي مقرر رهيو. هو سنڌ جو چيف سيڪريٽري، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي صدر ۽ وزيراعظم جي صلاحڪارن سميت اهم عهدن تي ذميواريون انجام ڏنيون. هو 1971ع ۾ جنرل يحيٰ خان جي دور ۾ سيڪريٽري انفارميشن هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.