پرڏيهين تي حملو ڪندڙ دهشتگردن کي پوليس نه پر اسان ماريو: زخمي سيڪيورٽي گارڊ

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي زخمي سيڪيورٽي گارڊ ننگر خان جو بيان سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن سڄي واقعي بابت ٻڌايو آهي.سيڪيورٽي گارڊ نگر خان چيو آهي ته صبح جو هو گاڏي ۾ وڃي رهيا هئا ته هڪ شخص ڊوڙندو آيو، جنهن تي مون کي شڪ ٿيو ته هوحملو ڪندو، ان ڪري مون فائرنگ ڪئي ۽ ان ماڻهو پوءِ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. زخمي سڪيورٽي گارڊ جو چوڻ هو ته منهنجي پويان نور محمد هو،ان به فائرنگ ڪئي، پوءِ سامهون کان به فائرنگ ڪئي وئي، دهشتگردن جون گوليون مون کي ۽ نور محمد کي لڳيون، اسان پٺيان ويٺل ساٿين به فائرنگ ڪري ڏني. هن چيو ته ان دوران پوليس به موقعي تي پهچي وئي، پوليس به فائرنگ ڪئي پر اسان جي فائرنگ سان دهشتگرد مارجي ويو. ياد رهي ته 3 ڏينهن اڳ ڪراچي جي علائقي لانڍي جي مانسهره ڪالوني ۾ پرڏيهين جي گاڏي تي آپگهاتي حملي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا هئا جڏهن ته هڪ سيڪيورٽي گارڊ به شهيد ٿي ويوهو. ڌماڪي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ سيڪيورٽي گارڊ ۽ هڪ واٽهڙو پڻ زخمي ٿي پيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.