اسلام ڪوٽ لڳ رينجرز جي ٽرڪ حادثي جو شڪار، 2 اهلڪار فوت

اسلام ڪوٽ(ت ر) اسلام ڪوٽ ننگرپارڪر روڊ تي ڳوٺ آڏيجوتڙ لڳ پاڪ  رينجرس جي  مزدا گاڏي سان حادثو پيش آيوِ،  حادثي جي نتيجي ۾ ٻه اهلڪار  موقعي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 18 اهلڪار زخمي ٿي پيا. انهي سلسلي ۾ اسپتال انتظاميه کان حاصل ڪيل ڄاڻ موجب حادثي ۾ عمرڪوٽ سان تعلق رکندڙ اهلڪار محمد ابراهيم ڪنڀار، جڏهن ته ڏاهلي تعلقي جو رهواسي محمد قاسم ولد ياسين راهمون فوت ٿي ويا، جڏهن ته 18 وڌيڪ اھلڪار زخمي ٿي پيا، جن ۾ محمد يعقوب، عدنان، فرحان، يوسف، شاهد، محمد فاروق، محمد عادل، محمد ارشان، شهزاب، رضوان، محمد شيراز، غلام رسول، پرويز، محمد عيسيٰ، اڪرم، ڪاشف ۽ ممتاز شامل آهن، سمورن زخمين کي رورل ھيلٿ سينٽر اسلام ڪوٽ آندو ويو، جتان چئن زخمين محمد عيسيٰ، اڪرم، ڪاشف ۽ ممتاز سخت زخمي هجڻ سبب مٺي  ريفر ڪيو ويو آهي، ٻڌايو وڃي ٿو  ته مزدا گاڏي ۾ پاڪ رينجرس جا 25 اھلڪار سوار ھئا جيڪي ننگرپارڪر کان اسلام ڪوٽ طرف اچي رھيا ھئا ته ڳوٺ آڏي جو  تڙ لڳ گاڏي جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو، ٻئي پاسي حادثي جي اطلاع بعد  اسلام ڪوٽ اسپتال انتظاميا پاران ايمرجنسي ۾ سمورن ڊاڪٽرن توڙي عملي کي طلب ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.