بلوچستان ۾ برساتن دوران 17 ڄڻا فوت، 24 کان وڌيڪ زخمي

ڪوئيٽا (م ڊ ) بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ طوفاني برساتن جو سلسلو رڪجي ويو آهي، تازن برساتن دوران بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب 17 ڄڻا فوت ۽ 24 ڄڻا  زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي مختلف علائقن گوادر، نوشڪي، تفتان ۽ چمن ۾ 10 ڏينهن کانپوءِ برسات بند ٿي وئي آهي، جڏهن ته سوراب، پشين، ڊيرا بگٽي ۾ موسم جزوي طور تي خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، لورالائي، ڪيچ، گوادر، چاغي ۽ چمن ۾ برساتن سبب مختلف حادثن ۾ 17 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 24 ڄڻا زخمي ٿي پيا.چمن نوشڪي گوادر ۾ تيز برسات تباهي مچائي ڇڏي، ٻوڏ جي ريلي چمن جي ڳوٺ ٺيڪيدار ڪلي، اڏاڪهور، ڪلي شاديزئي ۽ بائي پاس ۾ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ سبب رهواسي سخت پريشان آهن. گهر ڊهڻ ۽ بجلي جا ڀنڀا ڪري پيا، جڏهن ته ڪن هنڌن تي ريلوي ٽريڪ به متاثر ٿيو آهي، بجلي ۽ مواصلاتي نظام به درهم برهم ٿي ويو آهي، سبي، سنجاوي، قلات، لورالائي ۽ گوادر ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي، صوبي جي 7 مختلف هنڌن تي ٻوڏ واري پاڻي قومي شاهراهه ۽ هڪ پل کي نقصان پهچايو آهي. جڏهن ته پسني ۾ 80 کان وڌيڪ ٻيڙيون تباهه ٿي ويون، پي ڊي ايم اي جي ضلعي انتظاميه ۽ پاڪ فوج جا رضاڪار متاثر ضلعن ۾ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهن ۽ ضروري سامان فراهم ڪيو پيو وڃي. موسميات کاتي موجب برساتن جو نئون سلسلو 25 اپريل کان بلوچستان ۾ داخل ٿيندو، جنهن سبب هيٺاهين وارن علائقن ۽ دريائن ۾ ٻوڏ اچي سگهي ٿي، جڏهن ته تفتان جي ٽرانسپورٽ مالڪن ٻوڏ سبب بس ۽ ويگن سروس بند ڪري ڇڏي آهي ڪوئيٽا جي اڪثر علائقن ۾ گيس پريشر نه هجڻ سبب ماڻهو پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

  • ڪي پي ۾ برساتن سبب حادثن ۾  فوتين جو انگ وڌيڪ63 ٿي ويو

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ تيز برساتن سبب حادثن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 63 ڄڻا فوت  ۽ 78 وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) خيبرپختونخواهه ۾ 12 اپريل کان جاري برساتن سبب ٿيل نقصان جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن موجب صوبي ۾ هن وقت تائين برساتن سبب مختلف حادثن ۾ 63 ڄڻا فوت ۽ 78 کان ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن، رپورٽ موجب برساتن سبب مختلف حادثن ۾ 33 ٻار، 15 مرد ۽ 15 عورتون فوت ٿي ويون، جڏهن ته 11 عورتون، 33 مرد ۽ 16 ٻار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. پي ڊي ايم اي موجب خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ ڀتون ۽ ڇتون ڪرڻ سبب ڪل 3 هزار 202 گهرن کي نقصان پهتو آهي، جنهن ۾ 477 گهر مڪمل ۽ 2 هزار 725 گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي. پي ڊي ايم اي جي رپورٽ موجب صوبي ۾ تيز برساتن سبب 27 اسڪولن کي به نقصان پهتو آهي، جڏهن ته 355 جانور به ٻوڏ ۽ برساتن سبب متاثر ٿيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.