21 سيٽن تي ضمني اليڪشن جا غير سرڪاري نتيجا، ن ليگ سڀني کان اڳتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 21 سيٽن تي ضمني چونڊن جا غير سرڪاري نتيجا سامهون اچي ويا.
غير سرڪاري نتيجي موجب قومي اسيمبلي جي 5 سيٽن تي ضمني چونڊون ٿيون، جن مان 2 سيٽون ن ليگ حاصل ڪيون، جڏهن ته پ پ ۽ سني اتحاد ڪائونسل هڪ – هڪ سيٽ کٽي، هڪ آزاد اميدوار به قومي اسيمبلي جي سيٽ تي ڪامياب ٿيو.
صوبائي اسيمبلي جي 16 سيٽن جي غير سرڪاري نتيجن موجب ن ليگ 10 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي سڀ کان اڳتي آهي، جڏهن ته پ پ، سني اتحاد ڪائونسل ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي هڪ – هڪ سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي.
ان کانسواءِ ق ليگ ۽ بلوچستان عوامي پارٽي به هڪ – هڪ سيٽ تي ڪامياب ٿي، جڏهن ته هڪ سيٽ آزاد اميدوار حاصل ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.