سڀ خبر آهي ته ڪراچي ۾ ڇا ڇا غيرقانوني آهي: چيف جسٽس

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ڪراچي ۾ ڪهڙا ڪهڙا غيرقانوني ڪم ٿين پيا، اسان کي سڀ خبر آهي.
سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ چوڌري خليق الزمان روڊ جي ڪمرشلائيزيشن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
عدالت بلڊر جي وڪيل کان سوال ڪيو ته پلاٽ جي ڪمرشلائيزيشن فيس ڪنهن کي ڏني اٿئو؟ ان تي بلڊر جي وڪيل جواب ڏنو ته پلاٽ جي ڪمرشلائزيشن فيس ماسٽر پلان ڊپارٽمنٽ کي ڏني آهي.
عدالت سوال ڪيو ته ڇا ڪنهن کي پئسا کارايا اٿئو رسيدون ڪاٿي آهن؟ بلڊر جي وڪيل چيو ته ڪي ايم ايس ۽ ٻين کي پئسا ڏنا آهن، رسيدون پيش ڪرڻ جي مهلت ڏني وڃي، ان تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته 22 منزل عمارت ٺهي وئي آهي پر اوهان وٽ رسيدون ناهن.
چيف جسٽس جو چوڻ هو ته ڇا ڇا غيرقانوني ٿئي پيو اسان کي به سڀ خبر آهي.
ان تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته چوڌري خليق الزمان روڊ ڪمرشلائيز نٿو ٿي سگهي، عدالت درخواستگذار کي بلڊنگ جي ڪمرشلائيزيشن جي مد ۾ ادائيگي جو رڪارڊ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
عدالت ماسٽر پلان ڊپارٽمنٽ، ڪي ايم سي ۽ ڪلفٽن ڪينٽونمينٽ بورڊ کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي روڊ جي ڪمرشلائيزيشن جو رڪارڊ گهري ورتو، جڏهن ته ڌرين کي 25 اپريل تي مڪمل رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم به ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.