ڪراچي ۾ نشو واپرائيندڙ شخص تشدد ڪري زال قتل ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽ :حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي لائينز ايريا ۾ شرابي مڙس جي مبينا تشدد سبب عورت فوت ٿي وئي. برگيڊيئر ٿاڻي جي حد ۾ لائينز  ايريا خان ميڊيڪل ڀرسان گهر مان عورت جو لاش هٿ آيو، جنهن کي پراسرار نموني قتل ڪيو ويو، مقتولا جي سڃاڻپ 30 ورهين جي سعديه زال روح الامين جي نالي سان ٿي. ايس ايڇ او برگيڊيئر اڪسير عباسي موجب مقتول عورت گهريلو ڪم ڪندڙ هئي ۽ قتل ٿيل عورت مڙس جي مبينا تشدد سبب فوت ٿي آهي. مقتولا جو مڙس منشيات جو عادي آهي، ڇنڇر ۽ آچر جي وچ ۾ مقتولا جي زال ۽ مڙس وچ ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ مقتولا جي حالت خراب ٿي وئي ۽ کيس خانگي اسپتال نيو ويو ته آچر تي هو فوت ٿي وئي. مقتولا ل جو مڙس موقعي تان فرار ٿي ويو آهي، جنهن جي ڳولا جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.