اچو ته ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ گڏ ٿيون

تحرير: نصرت سڪندر چانڊيو

هيءَ  انڊلٺي رنگن سان سرشار ڌرتي امانت طور گذريل نسلن کان مليل آهي ۽ ساڳي طرح ايندڙ نسلن جي هٿن ۾  سهي سلامت منتقل ڪرڻي  آهي.ڌرتي ماءُ  هن وقت  بي مثال ڏکيائن سان  منهن ڏئي رهي آهي ،جنهن جو چتاءُ هوءَ چڱيءَ  طرح ڪندي رهي ٿي. هوءَ  هر ڀيري مختلف روين سان پنهنجي ناراضيءَ  جو اظهار به  ڪري ٿي. گڏيل قومن پاران سندس دانهن ورنائڻ لاءِ  اڄ 22 اپريل تي گڏيل قومن جي سڏ تي ڌرتي ماءُ جو عالمي ڏينهن  ملهائجي رهيو آهي. هن ڏينهن جي شروعات پهريون ڀيرو 1970ع ۾ ملهايو ويو جنهن مان صاف ظاهر آهي ته، اهڙي خطري جي لائيٽ  اڄ کان چونجاھ سال اڳ نظر آئي هئي۔

2024ع جو موضوع planet vs Plastic آهي پلاسٽڪ جي وسيع پيماني تي  استعمال  نه فقط سمنڊ جو ساھ کڻڻ ناگوار ڪري ڇڏيو آهي، پر شهر،وستيون واهڻ پري کان نظر ايندڙ گندگيءَ  جا ڍير مينارن جا ڏيک ڏئي رهيا آهن. پلاسٽڪ نه  ڳرندڙ ڪچرو آهي. ياد رهي ته فطرت پاڻ سان ٿيل هٿ چراند جو پلاند ڪندي آهي.

اشرف المخلوقات جي ڪرتوتن جو نتيجو  ان  سان گڏ پکي پکڻ، جيت جڻيا، گل ٻوٽا، سمنڊ تلاءِ ، زمين جي مٿاڇري توڙي  زمين ۾ اندر ۽ پاڻيءَ  ۾  رهندڙ ساھوارن کي ڀوڳڻو پوي ٿو. ڌرتي ماءُ زندگيون بخشي ٿي.هوا،پاڻي،خوراڪ سان گڏ پناھ گاھ پڻ آهي. ذهني ۽ جسماني تندرستيءَ  جي ضامن آهي.هن وقت ساھ کڻڻ لاءِ   فقط هڪ ئي سيارو ڌرتي ماءُ ئي آهي. ماحولياتي تبديليون انسان جي ايڪشن جو ري ايڪشن آهن.شديد گرمي سردي ۽ شديد برسات،ٻوڏ ، واري صورت حال سبب  پوڻ ڪري جيئڻ جنجال ٿيو پوي. تعليم، صحت ۽ معاشي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ  جوڳا انتظام نه هجڻ ڪري، ڏينهون ڏينهن غربت،بک،بدحالي سبب ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿين ٿيون. لڏ پلاڻ  پڻ ڪرڻي پوي ٿي. هر قسم جو بحران جنم جي جڙ انسانن جي لاپرواهي آهي،جنهن جو ازالو ڪرڻ لاءِ  سندن ملڪ  ڪيئي سال پوئتي پئجي وڃي ٿو.

ڪجهه صلاحن تي عمل پيرا ٿي پنهنجي ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ  امانت مليل ڌرتيءَ  کي بچائڻ لاءِ  ترت تحرڪ ۾ اچڻ جي ضرورت آهي. ٻي صورت ۾ ڌرتي ماءُ جا سور ناسور بڻجي ويندا. هن ڌرتيءَ  ماءُ جي ڏينهن جي اهميت کي اجاگر ڪري پنهنجو حصو وجهي، هيٺين ڪجهه اصولن تي  عمل پيرا ٿيڻ گهرجي.

ماحول دوست معيشت/ڪاروبار  ٻيهر استعمال ٿيندڙ /ريسائيڪل. ٿيندڙ سامان جو استعمال. پلاسٽڪ جي وڪري ۽ خريداري  تي پابندي۔عوامي ٽراسپورٽ جو استعمال، گدلاڻ جي سبب واري ٽرانسپورٽ جو خاتمو. ٿيلهين جي استعمال کان پوءِ  ڳنڍ ڏئي صحيح جاءِ تي ڦٽو ڪرڻ. نجي توڙي سرڪاري ادارن ۾ گرين سلوگن ۽ تربيتي سيشن ذريعي آگاهي ڏيڻ. وڻ، ٻوٽا، ٻيلا جنگلات جي بحالي.

پاڻيءَ   جو   غير ضروري استعمال. پلاسٽڪ يا پلانٽ مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي. هر هڪ فرد جي عمل ڪرڻ سان ننڍو قدم وڏي تبديليءَ  جو سج اڀاري خوشيون آڻي سگهي ٿو. ماحولياتي پاليسيون ٺاهيندڙن ادارن جي عمل جو انتظار ڪرڻ بنا  اچو ته پنهنجي ڌرتيءَ  جي حفاظت لاءِ  متحد ٿي پائدار مستقبل ۽ نسلن جي بقا کي يقيني بڻائي ڌرتي ماءُ جي حسن جي هاڪ جا جشن ملهايون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.