ڀٽائي جي پارکو محمد ابراھيم سنڌي جو وڇوڙو

تحرير: رسول بخش بنديجو

سنڌ ڪئين املهھ ماڻڪ پئدا ڪيا آھن،جن سنڌ سونھاري ۾ علم ۽ ڏاھپ جي ڏيئا روشن ڪري عام ۽ خاص کي علميت،عمليت جي واٽ پئي ڏسي آھي. سائين محمدابراھيم سنڌي پڻ انھن مان ھڪ ھو جيڪو تازو ھن فاني دنيا مان موڪلائي ويو آھي.ھو سنڌ ۾ انھن ٿورن عالمن مان ھو جن شاھ عبداللطيف جي ڪلام کي پڙھيو، ان کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي.جنھن مان بحث جا نوان پاسا نڪرن ٿا ۽ ائين علم جو درياھ اڳتي وھي ھلي ٿو.

شاھ عبدالڪريم بلڙي وارو جي نالي سان منسوب ھي شھر ھن وقت انتظامي طور ضلعي ٽنڊي محمد خان جو حصو آھي.سنڌ جي آڳاٽي شھرن يا علائقن مان ھڪ آھي.ھي اھو ئي شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو پڙ ڏاڏو آھي.جنھن جي مزار جوڙائڻ لاءِ شاھ لطيف ملتان ويو ھو.جتان پاڻ سرون آنديون ھيون.

سنڌ ۾ غريت،گھٽ وسيلن سبب تعليم پرائڻ پڻ ڏکي رھي آھي.جن ماڻھن ان کي ھڪ مشن ڪري کنيو اھي ئي اڳيان نڪري سگھيا.سائين محمدابراھيم سمون المعروف محمد ابراھيم سنڌي پڻ انھن مان ھڪ ھو.محمد دائود سمون جي گھر ۾ 5 نومبر 1953 تي جنم ورتو.ھن پرائمري تعليم پنھنجي ئي ڳوٺ خيرمحمد سمون مان ورتي.مئٽرڪ عبدالرحيم ڪاتيار ھاءِ اسڪول مان 1972 ۾ ڪئي.

اڳتي ھلي ھن ماسٽرس بھ ڪئي.پاڻ ڳچ وقت تعليم شعبي سان واڳيل رھيو، ھڪڙو خيال ھي آھي تھ تعليم جي شعبي سان تعلق ھئڻ ڪري تعليم جو وڌيڪ احساس ٿئي ٿو ۽ وقت جو درست استعمال ڪري سگھجي ٿو.ان ئي اصول تي عمل ڪندي سائين محمد ابراھيم سمون شاھ لطيف تي پي ايڇ ڊي ڪئي.جنھن جو موضوع ھو.”شاھ عبداللطيف جي ڪلام ۾ مرد ڪردار“ ڪراچي يونيوسرسٽي کيس 2009 ۾ اھا ڊگري ڏني.جنھن ۾ سندس رھنما سائين نوازعلي شوق ھو.سندس پي ايڇ ڊي وارو ٿيسز روشني پبليڪشن پاران شايع بھ ڪيو ويو آھي.

محمد ابراھيم سنڌي ھڪ اھڙو سخص ھو،جنھن وٽ ڪچھري يا محفل متل ھوندي ھئي. بلڪھ سندس دوستن جو ھڪ اھڙو حلقو پڻ ھوندو ھو،جيڪي ھر مھيني ڪنھن نھ ڪنھن وٽ گڏ ٿي ڪري پاڻ ۾ حال ڀائي ٿيندا رھندا ھئا.

سندس اوطاق ھميشھ وسندي رھندي ھئي، ھو پرخلوص،صاف سٿرو ۽ کرو ماڻھو ھوندو ھو.سندس ڪوشش ھوندي ھئي تھ وٽس جيڪو علم آھي اھو ورھائجي.پاڻ ڪڏھن پڻ علم ورھائڻ ۾ ڪنھن ڪنجوسي جو مظاھرو نھ ڪيو.جنھن ڪري سندس دوستن ۽ شاگردن جو ھڪ وسيع حلقو آھي.

بلڙي شاھ ڪريم سان ئي تعلق رکندڙ سائين قلندر شاھ لڪياري پڻ سندس ويجھو ۽ ھمراز دوست ھو.جنھن سان ھو لڳاتار رابطي ۾ رھندو ھو.انھن ٻنھي جي ھڪ ٻئي جي مزاج  تي ڪافي اثر ھو.

سائين محمد ابراھيم سنڌي رمضان شريف جي ڏھي ۾ اعتڪاف ۾ ويٺل ھو جو کيس تڪليف ٿي پئي.جنھن ڪري سندس وفات 6 اپريل موجب 27 رمضان شريف واري رات ٿي.

سائين محمد ابراھيم سنڌي کي مطالعي جو شوق ھو،ڪتاب گڏ ڪندي ڪندي وٽس خاص لائبريري ٿي وئي ھئي.جتي پڻ ڪافي نوجوان اچي پڙھندا ۽ ھن کان ڪتاب حاصل ڪندا ھئا.

اھو درست آھي تھ ھي دنيا ھڪ اسٽيج آھي جتي ھر انسان پنھنجو ڪردار ادا ڪري ھليو ٿو وڃي، وئي پڄاڻا سندس ڳڻ ۽ انسان جي لاءِ ڪيل خدمتون ذڪر ۾ اينديون رھنديون آھي.سائين جي ڪيل ڪم مان نوجوان نسل کي پروڙڻ ۽ پرجھڻ جو گس ملندو رھندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.