وڏا شھر زمين اندر ڇو غرق ٿي رھيا آھن ؟

چين جا اڌ کان وڌيڪ وڏا شھر زمين اندر دٻجي رھيا آھن.ماھرن ان جو سبب پاڻي جي نيڪالي ۽ تيزي سان پکڙيل وڏين عمارتن کي قرار ڏنو آھي.محققن جو خيال آھي تھ پاڻي ڪڍڻ سان زمين ۾ وٿي ٿئي ٿي ۽ وڏين عمارتن سان ان جو بار وڌي ٿو. ڪجھه شھرن ۾ اھو عمل تيز آھي.ڪي شھر ھر  ڇھن شهرن مان ھڪ شھر سال ۾ 10 ميٽر زمين ۾ دٻجي رھيو آھي. چين ۾ گذريل ڪجھه ڏهاڪن ۾ ترقي ٿيڻ سان شهرن جي آبادي ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. جنھن سبب زير زمين پاڻي نيڪال جو عمل وڌي ويو آھي،جئين انساني گهرجن کي پورو ڪري سگھجي.ھي مسئلو خاص طور تي سامونڊي ڪناري قائم شهرن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌي ويو آھي، جتي سمنڊ جي سطح وڌڻ سبب  لکين ماڻهن کي ٻوڏ جو خطرو  بھ ٿي ويو آھي.

چين ۾ هي ڪو نئون مسئلو ناهي. شنگھائي ۽ تيانجين جا شهر 1920ع کان وٺي زمين ۾ دٻجي رھيا آھن ۽ جنھن جا ڪافي ثبوت موجود آهن. شنگھائي صرف گذريل صديءَ دوران تقريبن ٽي ميٽر  زمين ۾ غرق ٿي چڪو آهي. مسئلي جي سنگيني ڄاڻڻ لاءِ  چين جي ڪيترن ئي يونيورسٽين جي محققن جي هڪ ٽيم 82 شهرن جو جائزو ورتو، جن مان هر هڪ جي آبادي  20 لک ماڻھن  کان وڌيڪ آهي. هن مطالعي ۾ انهن سينٽينل ون سيٽلائيٽس مان حاصل ڪيل ڊيٽا استعمال ڪندي زمين جي چرپر جو جائزو ورتو.جنھن موجب سال 2015ع کان 2022ع جي عرصي  جي تجزئي مان نتيجو ورتو تھ انھن سمورن شھرن ۾ مجموعي طورتي اٽڪل 45 سيڪڙو ايراضي سالياني سراسري طور تي ٽي ملي ميٽر جي حساب سان زمين ۾ عرق ٿي رهي آهي.

16 سيڪڙو ايراضي  10 ملي ميٽر جي سراسري شرح کان وڌيڪ تيزيءَ سان غرق ٿي رهي آهي،  سائنسدانن جو خيال آهي ته اها گھڻي غير معمولي رفتار آهي. ان جو سادو مطلب تھ اٽڪل 7 ڪروڙ ماڻهو تيزيءَ سان ٻڏندڙ علائقن ۾ رهن پيا.زمين جي غرق ٿيڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟محققن موجب ان جي  سببن ۾ عمارتن جي وزن جو بار بھ آهي پر سڀ کان اهم سبب زير زمين پاڻي جي سطح ۾ گهٽتائي آهي. زمين اندر پاڻي جي سطح ۾ گهٽتائي جو سبب، ضرورتن کي پورو ڪرڻ ڄاڻايو ويو آهي ۽ اهو مسئلو نه رڳو چين پر آمريڪا جي هيوسٽن،ميڪسيڪو سٽي ۽ ھندستان جي راڄڌاني دھلي  سميت دنيا جي ڪيترن ئي وڏن شهرن کي پيش اچي رھيوآهي.

پروفيسر رابرٽ نڪولس جو تعلق ايسٽ اينجليا يونيورسٽي سان آهي. اھو چيني تحقيق جو حصو ناهي، پر هن جو خيال آهي ته پاڻي جو نيڪال ئي شهر جي  زمين ۾ ٻڏڻ جو بنيادي سبب آهي.ھن جو چوڻ آھي تھ جڏهن توهان زمين اندران پاڻي ڪڍو ٿا ته زمين ٻڏي ويندي آهي.ان جي ٻين سببن ۾ جديد ٽرانسپورٽيشن سسٽم، ڪوئلي ۽ معدنيات جي لاءِ کاڻين جي کوٽائي پڻ شامل آهي.فنڊنگشن نالي اترين چين ۾ سڀ کان وڏيون ڪوئلي جون کاڻيون واقع آهن، جتي زمين هر سال 109 ملي ميٽر جي رفتار سان غرق ٿي رهي آهي.

چيني محققن جو چوڻ آهي ته اهي مستقبل ۾ انھن شهري علائقن ۾ ٻوڏ جو خطرو وڌي ويندو. جنھن سان زمين جي سطح  هيٺ لهڻ ۽ سمنڊ جي سطح مٿي اچڻ جو عمل تيز ٿيندو.  2020 ۾  چين جو رڳو ڇهه سيڪڙو حصو ئي سمنڊ جي سطح کان هيٺ هو، پر جيڪڏهن ڪاربن جو اخراج ساڳي شرح  سان جاري رهيو ته 100 سالن ۾ چين جو 26 سيڪڙو حصو سمنڊ جي سطح کان هيٺ ٿي ويندو.محققن جو خيال آهي ته زمين هيٺ لهڻ جي شرح سمنڊ جي سطح مٿي اچڻ کان وڌيڪ تيز آهي، جنھن ڪري ڪروڙين ماڻهن جي ٻڏڻ جو خطرو وڌي ويو رھيو آھي.ڇا هن مسئلي جو ڪو حل پڻ موجود آهي؟

تحقيق موجب مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي سگهجي ٿي.ايشيا ۾ جپاني جي اوساڪا ۽ ٽوڪيو شھرن ۾ پڻ ماضي ۾ ساڳيو  مسئلو ھو. پروفيسر نڪولس جو چوڻ آهي ته ٽوڪيو ۾ بندرگاهه واري علائقي تائين  زمين پنج  ميٽرن تائين ٻڏي رهي هئي پر 1970ع جي ڏهاڪي ۾ جپان آبادي لاءِ پاڻي جي فراهمي جو بندوبست ڪيو.قانون منظور ڪري،  زير زمين پاڻي ڪڍڻ جي منع ڪئي وئي. ان سان زمين جي غرق ٿيڻ جو عمل ختم ٿي ويو.چيني ماھرن جي ٿيل اھا  تحقيق سائنس جرنل ۾پڻ  شايع ٿي آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.