تاريخ لينن کي ڪيئن ياد ڪندي

تحرير: نثار لغاري

هو هڪ وڏي انقلاب جو باني هو هن دنيا ۾ ھارين مزدورن کي هڪ نئون گس ڏيکاريو سندس زندگي جا ڪهڙا عظيم ڪارناما هئا ڇا هو هن ايڪيهين صدي ۾ به نظر انداز رهندو  سندس فڪر جا ڪي اثر نه پوندا  ڇا هن جون سامراجيت بابت سڀ پيشن گوئيون رد ٿي ويون   اهي ۽ ٻيا انيڪ سوال  آھن جن ۾ لينن گهيريل رهندو  سندس عظيم ڪارنامو روسي انقلاب آھي اهو تاريخ جو عظيم تجربو آھي آڪٽوبر روسي پورهيت انقلاب تاريخ جو عظيم واقعو

روسي انقلاب جي باني لينن لکيو هو ته هي تاريخ جو هڪ معمولي قدم آھي پر هي عظيم قدم  آھي ، هن غيرمعمولي قدم بابت اڳ ۾ به لکيو ويو ۽ هن وقت به لکجي رهيو آھي پر  هن وقت سموري سرمايادار دنيا ۽ سائنسدان هن انقلاب بابت هر ياد ۽ تصور گم ۽ ختم ڪرڻ چاهين ٿا هنن کي تمام گهڻو خوف آھي ته هن انقلاب جون حاصلاتون ۽ اهو سمورو منظر وري عوام اڳيان آيو ته هڪ دفعو وري تاريخ جي اسٽيج تي پورهيت طبقو نروار ٿي ايندو  اهو ئي خوف آھي جيڪو هن وقت وڌي رهيو آھي

جمهوريت جي منهن تي جيڪا دانگي ملجي رهي آھي اها آمريڪا سميت يورپي قومون ملي رهيون آھن جنگ جنگ جو جنون  هر طرف لامارا ڏئي رهيو آھي چين روس آمريڪا وچ ۾  سرد جنگ ڪنهن وقت به گرم ٿي سگهي ٿي  امن ڪٿي به ناهي ، هي ڪهڙو مهذب پڻو آھي جتي طالبان اڄ به سماج تي حاوي ڪيا وڃن  جنگ ۽ حالت جنگ بربريت ۾ رهن پيا

هن وقت به انقلاب بابت اهي غلط مفروضا موجود آھن ته لينن ۽ بالشويڪ پارٽي غير جمهوري طريقي اقتدار تي قبضو ڪيو هو اها آمريت هئي وغيره پر اهو لڪايو وڃي ٿو ته هي انقلاب مڪمل طرح جمهوري ۽ تاريخ جو پرامن انقلاب هو جنهن جي  تاريخي حقيقت موجب فقط يانهن ماڻھو قتل ٿيا ۽ ھارين توڙي مزدورن هي تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏئي ڇڏيو

هيٺ عوام مان چونڊجي آيل جمهوري سوويتن يا پنچائتن ۾ بالشويڪ پارٽي جي اڪثريت هئي انهن سڀني سوويتن منشويڪن جي انهي ڳالهه کي رد ڪيو ته روس ۾ جمهوريت قائم ٿي وڃي ان کان پوءِ  سوشلزم جي تعمير ڪجي    پر ڪامريڊ لينن ۽ سندس پارٽي اهو سمجهي ورتو هو ته اقتدار  زارشاهي ۽ حڪمران طبقي جي هٿن مان نڪري عوام جي چونڊيل پنچائتن سوويتس وٽ اچي چڪو آھي ۽ عوام جو مجموعي ارادو انقلاب طرف راغب آھي عوام پراڻي رياست ۽ ان جي حڪمران طبقن جي اقتدار کي مڪمل طرح ختم ڪرڻ چاهي ٿو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.