پنجاب ۾ انتظاميا ڪڪڙ جي گوشت جو اگهه گهٽرائڻ ۾ ناڪام

لاهور (م ڊ) پنجاب ۾ پولٽري فارم مالڪن ۽ واپارين ضلعي انتظاميا سان ڪڪڙ جي اگهه تي ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب پولٽري  فارم مالڪن ڪڪڙ جي ڊيٽا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ضلعي انتظاميه ڪڪڙ جي اگهه ۾ گهٽتائي نه ڪرائي سگهي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته لاهور ۾ سرڪاري اگهه جي ابتڙ ڪڪڙ جو گوشت مهانگو وڪرو ڪيو پيو وڃي. صاف مرغي جي گوشت جي قيمت 800 رپيا في ڪلو کان وڌيڪ وصول ڪئي پئي وڃي.ذريعن موجب پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز مرغي جا اگهه گهٽائڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.