عمران،اسٽيبلشمينٽ ۽ ن ليگ ڳالهيون ڪن: راڻا ثناءُ الله

لاهور(عوامي آواز نيوز)ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان، ن ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ هڪ حقيقت آهن،ٽنهي کي هڪ هنڌ ويهڻو پوندو،ذاتي طور مان چاهيان ٿو ته عمران خان سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن،جڏهن اسٽيبلشمينٽ عمران خان جو ساٿ نه ڏنو ته اسان جو رويو اسٽيبلشمينٽ ڏانهن نرم ٿي ويو، هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ هن چيو ته قوم اسان کي سادي اڪثريت نه ڏئي غلطي ڪئي،نوازشريف جي حڪومت بڻجي وڃي ها ته ملڪ ٻن سالن ۾ معاشي بحران مان نڪري وڃي ها، نوازشريف عمران خان سان ڳالهين لاءِ تيار هوندو،هن چيو ته جنرل باجوا جي مدي ۾ واڌ آگسٽ ۾ آمريڪا دوري کان اڳ ٿي چڪي هئي ۽ پارليامينٽ ته منظوري بعد ۾ ڏني هئي،اسان /ڏسو صفحو 7 ڪالم 5

پارليامينٽ ۾ رڳو ان جي منظوري ڏني ته چونڊيل وزيراعظم کي ايڪسٽينشن ڏيڻ جو اختيار آهي،اسان کي هن ڀيري اينٽي اسٽيبلشمينٽ ووٽ نه مليو،هن چيو ته اسان وٽ چين ۽ سعودي وانگر حڪومت هجي ته اسان پوءِ قبرن ۾ هونداسين،مستقبل قريب ۾ بلوچستان ۾ امن قائم ٿيڻ جا ڪي به امڪان ناهن،اهو چئي سگهجي ٿو ته گڏيل حڪومت ۾ وزيراعظم بي اختيار آهي،مان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن ۽ جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي حمايت ڪريان ٿو،عدليه ۾ مداخلت ڪندڙ ڪردارن کي پڪڙيو وڃي،هن چيو ته مون کي جيل موڪلڻ ۾ جنرل باجوا جو اهم ڪردار هو،عمران خان جي مون تي ڪجهه وڌيڪ ڪاوڙ ئي هئي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.