طورخم بارڊر تي آپريشن، غيرملڪي هٿيار هٿ

پشاور (م ڊ) طورخم بارڊر تي ڪسٽم عملدارن افغانستان کان ايندڙ مال بردار گاڏين مان غير ملڪي هٿيار هٿ ڪري ورتا. ڪسٽم اهلڪارن ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي امپورٽ ٽرمينل تي افغانستان  کان ايندڙ 2 ڪارگو گاڏين مان غير ملڪي هٿيار هٿ ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ذريعن موجب پرڏيهي هٿيارن ۾ 3 ايم 16 رائفلز، 2 آمريڪي پستول، ڪلاشنڪوف جا 4000 ۽ 9 ايم ايم جا 8000 گوليون شامل آهن.ڪسٽم اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻئي ڪارگو گاڏيون افغانستان مان داخل ٿيون هنيون، جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

  • ڪراچي ۾ روڊ حادثا، عورت سميت 2ڄڻا فوت، 2 زخمي

ڪراچي( رپورٽر )ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ الڳ الڳ روڊ حادثن دوران عورت سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا. لياقت آباد نمبر 10 انڊر باءِ پاس ايم  سي بي بئنڪ جي ڀرسان روڊ حادثي ۾ عورت 45 سالن ناصرھه زال عبدالحفيظ فوت ٿي وئي. حماد ولد صادق زخمي ٿي پيو. بلديا لکي چڙھائي جي ڀرسان نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ نامعلوم شخص فوت ٿي ويو ۽ ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

  • پي اين ايس سي جو تيل کڻندڙ جهاز سريلنڪا ۾ 8 مهينن کان خراب

ڪولمبو(م ڊ) پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جو تيل کڻندڙ جهاز سريلنڪا ۾ 8 مهينن کان خراب بيٺو آهي، شپنگ ذريعن مطابق تيل آڻڻ لاءِ جهاز جي  نار وارن ملڪن ڏانهن روانگي  ملتوي ٿيڻ جو خدشو آهي، پي اين ايس سي ذريعن ٻڌايو ته پي اين ايس سي چترال 8 مهينن کان سريلنڪن پورٽ تي خراب بيٺو آهي، پي اين ايس چترال جي مرمت ۾ غير معاملو دير ٿي آهي، ذريعن موجب 8 مهينا جهاز بيهڻ سان پي اين ايس سي کي اٽڪل 25  ڪروڙ روپين جو نقصان ٿيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.