ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي آزادي لاءِ ريلي ڪڍي وئي. ريلي دوران مختلف هنڌن تي پوليس ۽ ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ جهڙپون ٿينديون رهيون،جڏهن ته پوليس روڊ بلاڪ ڪرڻ تي 23 پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي گرفتار پڻ ڪري ورتو، جنهن سبب ڪراچي جي مصروف ترين شاهراهه فيصل جو هڪ ٽريڪ ٻن ڪلاڪن تائين بند ڪيو ويو هو. پوليس سان ڳالهين کانپوءِ ريلي شهيد ملت روڊ کان ٿيندي مزار قائد تي پهتي. جتي جلسي کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت چيو ته ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جو مينڊيٽ چوري ڪري ايم ڪيو ايم کي ڏنو ويو، پي ٽي آءِ باني جي آزادي تائين احتجاج جاري رهندو.