پريا ڪماري معاملو ۽ عدم تحفظ جو شڪار هندو برادري

تحرير: حيدر ملاح

ٿيڻ ته ائين گهرجي ته پرياڪماري جي اغوا جي ايف آءِ آر پريا جي والدين جي مرضي سان داخل ڪئي وڃي پر ائين  نه پيو ٿئي.اغوا ڪندڙ ايترا بااثر آهن جو انهن بابت "جي آئي ٽي” به ٻڙڪ ٻاهر نٿي ڪڍي، ٻئي طرف اجائي خوف ۾ ورتل هندو برداري جدوجهد جو حصو ٿيڻ يا مالڪي ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي.ايتري لاتعلقي آهي جو پريا ڪماري جا والدين ڳوٺ ڇڏي سکر لڏي ڪا ڪنڊ وٺي وڃي ويهي رهيا آهن. جيئن ميڊيا جي انهن تائين رسائي نه ٿي سگهي. ماضي ۾ ايس ٽي پي ڊاڪٽر نمرتا جي لاءِ سڄي سنڌ ۾ تحريڪ هلائي، اڍائي مهينن تائين هلندڙ تحريڪ  ۾ ايتري تائين اڳتي وياسين جو لاڙڪاڻي ۾ پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجي قيادت ۽ ڪارڪنن سميت ٿاڻي تي پهچي ايف آءِ آر ۾ ڌر ٿيڻ جي درخواست ڏني پر ڊاڪٽر نمرتا جا والدين تحريڪ کان مڪمل لاتعلق رهيا.

هڪ نياڻي جي بي رحمانه قتل تي ان جا والدين به ڪراچي جي هڪ فليٽ ۾ ڪنڊ وٺي وڃي ويهي رهيا. اهي ڊاڪٽر نمرتا سان انصاف لاءِ سموري جدوجهد کان لاتعلق رهيا.هن وقت به پرياڪماري جي والدين جي لاتعلقي سبب ڪيس اڳتي نه وڌي سگهندو. "فريادي سست، گواه چست” واري حالت ۾ جڏهن مالڪ مالڪي نه ڪندا ته ڪيئن ممڪن آهي پرياڪماري جي ڪيس ۾ ڪا اڳڀرائي ٿيئي.سنڌ سرڪار جي اها حالت آهي جو گهرو وزير چئي ٿو ته پرياڪماري هن دنيا ۾ موجوده ناهي. جي موجود ناهي ته اوهان وٽ ان ڳالهه جا ثبوت ڪهڙا آهن. جواب ۾ سنڌ سرڪار جي خاموشي آهي. جي آئي ٽي جي رپورٽ اڃان رستي ۾ آهي.سوشل ميڊيا تي توڙي جو ڪيتريون ئي ڳالهيون گردش ڪن پيون، جن مان هڪ ڳالهه تي زور آهي ته پرياڪماري هڪ شخص بااثر وٽ آهي. جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن جو پ پ سان تعلق آهي ۽ پ پ جي سينئر اڳواڻ جو  انتهائي ويجهو آهي. حقيقت جي پروڙ فقط پرياڪماري جي والدين کي ئي آهي. جيڪي ڪڇڻ جي لاءِ تيار ناهن.ايس ٽي پي پريا جي معاملي ۾ هڪ پل لاءِ به غافل ناهي رهي. سڄي سنڌ ۾ ايس ٽي پي جا ساٿي احتجاج ڪري رهيا آهن.ان معاملي کي وڌيڪ بهتر نموني سان سمجهڻ ۽ جدوجهد کي منظم ڪري اڳتي ڪاميابيءَ تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ پارٽي جو اعلي وفد پرياڪماري جي والدين سان ملاقات ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.ايس ٽي پي هن تحريڪ ۾ پرياڪماري جي والدين جي شرڪت جي خواهشمند آهي انهن جي شرڪت کان سواءِ ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيندو.

بدقسمتي سان هندو برادري پنهنجي هندو پنجائت جي نالي ۾ اهڙي ٽڪساٽ ۾ ڦاٿل آهي جو پنجائت جي مُکيءَ جي حڪم  کان سواءِ هڪ قدم به چرڻ جي لاءِ تيار ناهي.مُکين جي اڪثريت مقامي سردارن ۽ سياستدانن جي ڳيجهو بڻيل آهي.ايتري تائين جو هندو واپاري بنا سيڙپ جي سردار يا مقامي سياستدان جو پنهنجي ڪاروبار ۾ حصو مقرر ڪرڻ کي عيب نٿو سمجهي. جڏهن ته هندو واپاري پنهنجي مدد ۾ بيٺل قومي ڪارڪنن جي رضاڪارانه فورسز کي ڪا به اخلاقي مدد ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.نتيجي ۾ وارثن جي لاتعلقي سبب جدوجهدن جي ناڪامي ٿيئي ٿي ۽ سماج ۾ تاثر جڙي ٿو ته "سردار سياسي سيد ۽ ڀوتار طاقتور آهن ۽ بس ڪجهه نه ٿيندو”.اهو "ڪجهه نه ٿيڻ” وارو گڏيل رينگٽ سماج کي غير سياسي بڻائڻ جو ڪم ڪري ٿو.مان ٻيهر هتي واضع ڪريان ٿو ته پرياڪماري جي اغوا جي معاملي ۾ پريا جي والدين کي اڳيان اچڻو پوندو گڏوگڏ سنڌ جي هندو برداري کي بي خوف ٿي هن تحريڪ جي مالڪي ڪرڻي پوندي.جي ائين نه ٿيو ته پرياڪماري جي واپسي ناممڪن سمجهو. اهڙي وڏي اڀري آيل تحريڪ جي ناڪامي تي اڳتي هلي اوهان ئي چوڻ شروع ڪندا "ڪجهه نه ٿيندو”.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.