ڪوھستاني پٽيءَ تي والار ۽ مقامي ڀوتارن جي خاموشي 

تحرير: خدا بخش بروھي

جتي سنڌ کي افغانين، بنگالين، برمين، بھارين  جي يلغار نقصان ڏنو آھي اتي سنڌڙي کي چنيسر جي ڪجھه  روحاني پوئلڳ ڀوتارن، پيرن، ميرن، وڏن گادي نشينن  پنھنجي انا، عيش عشرت، ھٺ وڏائيءَ  کي برقرار رکڻ خاطر سنڌ جون زمينون ڪوڙن ڪاغذن تي رڳو پاڻ ۽ پنھنجي پٽن، ڌيئن، خاندان جي فردن چمچن چاڙن جي نالي ڪري ڇڏيون آھن  يا سرمائيدارن کي دلالي عيوض وڪڻي باقي خلق خدا لاءِ  ڌرتي تنگ ڪري غريب عوام کي وڏو نقصان ڏنو آھي ٻئي  طرف ساڳي ٽولي نه فقط مختلف لينڊ مافيائن کي اھي زمينيون ڏنيون آھن پر   غريب ماڻھن جا  روزگار جا موقعا بند ڪري انھن  کي غلام رکڻ جي ھميشه ڪڌي ڪوشش ڪئي آھي ھنن جو مقصد  ئي اھو آھي ته  انساني ڪنڌ جھڪائي ڇڏيون غريبن کي  پنھنجي پيرن تي ھٿ رکائڻ جو عادي ڪريون ھنن لاءِ  اھڙو ماحول پيدا ڪريون جيئن اھي غريب ڪنڌ مٿي کڻي معاشري ۾ سٺي عزت  تعليم، روزگار  حاصل ڪري نه سگھن.

سماج ۾ انھن لاءِ  سواءِ ذلت ۽ رسوائي ھجي ٻيو ڪجھه  نه ھجي ساڳي وقت ھو تنگ دستي واري زندگي گذاري ختم ٿي وڃن پر ڀوتار ڌرتي جا مالڪ ھجن ھو سرڪاري غير سرڪاري ھزارن ايڪڙ زمينن تي ڪوڙن ڪاغدن عيوض قبضو ڪن ته ڪو مسئلو ناھي جي ڪنھن سرمائيدار کي وڪڻي ڏين يا ڪنھن سرڪاري زمين کي روينيو  عملي سان ملي ڪميشن عيوض  وڪڻن ته به خير آھي  منھنجو مقصد مٿي ذڪر ڪيل  اھي سڀ سنڌ جا ڀوتار ناھن پر ڪجھه  اھڙا آھن انھن طرف منھنجو اشارو آھي جيڪي عام غريب جي ترقي ۾ رڪاوٽ آھن، ان با اثر ٽولي  مقامي ماڻھن جي بدران  ھر ٻاھريان  ايندڙ يلغار کي لبيڪ چئي ڌرتي تي آباد ڪرڻ لاءِ  سھولتون ميسر ڪرڻ  کي ترجيح ڏني آھي اھو ھڪ وڏو مسئلو آھي ان تي سوچ۽ فڪر جي ڪرڻ گھرجي، برصغير جي ورھاڱي وقت جن ماڻھن کي  ميرن پيرن ڀوتارن  جيءَ  ۾ جايون ڏيئي زمينون  جايون ڏيئي   روزگار جا موقعا ڏنا اتي مقامي مسڪينن جي حق تلفي ٿي لاءِ  شھر وسنديون تنگ ٿيون سندن روزگار جو  استحصال ٿيو پر اڄ  نتيجو اھو نڪتو آھي ھاڻ  اھي  ساڳيا ٻاھريان آيل مسلمان  ڪڏھن ڪڏھن الڳ علائقي جي گھر ڪن ٿا ته ڪڏھن ڪھڙي ڳالھه  ڪن ٿا ۽ سنڌ جي  ڀوتارن جي ان  عقل، فھم ۽ عمل سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن کي سخت کان سخت نقصان ڏنو آھي، ساڳي وقت اترادي، لاڙي، ٿري، بلوچ، سماٽ جي شوشي جي تخليق به انھن وڏيرن پاران پروان چاڙھايو ويو آھي جيئن مڊل ڪلاس يا لوئر مڊل ڪلاس سدائين نفرتن جھيڙن مصروف رھي ۽ ھو پنھنجو مقصد آرام سان حاصل ڪري سگھن پر غريب عوام کي انھن جي ھر پلان ناڪام ڪرڻ لاءِ  ھاڻ اڳيان اچڻ وقت ۽ حالتن جي ضرورت آھي، ھن وقت سنڌ جون زمينون خاص ڪري ڪوھستان ان ۾ ٺٽي،  ڄامشوري سپرھائي وي ۽ ڌاٻيجي گھارو، گجو، ڀنڀور، ۽ ڪينجھر ڍنڍ جي چوطرف سون جھڙيون قيمتي زمينون مقامي ڀوتارن سندن دلالن وڏي ڪميشن عيوض سرمائيدارن حوالي ڪيون آھن انھن مان ڪجھه  انڊسٽريون لڳايون آھن جن نه فقط سي  ايس آر  تحت مقامي ماڻھن کي سھولتون ڏنيون آھن نه وري مقامي ماڻھن کي روزگار مليو آھي جي فائدو مليو آھي

انگريزن جي دور ۾ ميرن پيرن ڀوتارن وري به اھي سڀئي پنھنجون جاگيرون  نه فقط   واپس ڪرايون پر ان کان سواءِ ھزارن جي تعداد انگريز جي ڪمداري ڪندڙن کي به جاگيرون مليون تقريبن اھي   خاندان اڄ به سياست تي ڇانيل آھن  پر لوڙيو، ڀوڳيو  وڃي مسڪينن عزتدارن حق جي ڳالھه  ڪندڙ مزاحمت ڪندڙن، انھن  مزاحمت ڪندڙ جي جيڪڏھن تڪ تور ڪنداسين ته انھن ۾ راشدي  خاندان جي پير صغبت الله شاھ راشدي  ۽ ان جي حر گوريلا فورس جي  مزاحمت ۽ قرباني سرفھرت آھي ان وقت  پير سائين ۽ ھن جي ڪافي حرن جان جو نظرانو ڏنو پر  انگريز سرڪار جي آڻ نه مڃيائون، سنڌ جو ھڪ مخصوص وڏيرڪو ٽولو ڌرتي نيلام ڪري بيروت بنائڻ گھري ٿو ڪراچي کان، ڄامشورو، حيدرآباد تائين  سپر ھاءِ وي  جي ٻنھي پاسن تي ۽ ڪراچي کان وٺي ٺٽي  ۽ حيدر آباد روڊ ۽ بدين ٻنھي پاسن تاريخي ماڳ ڀنڀور ڪينجھر ڍنڍ جي ارد گرد قيمتي زمينون مقامي ڀوتارن ڪميشن ايجنٽن دلالن جي ڪجھه  کيسي کي گرم ڪرڻ عيوض اھي  زمينون وڏن شھرن جي غير مقامي سرمائيدارن کي وڪرو ڪيون پيون وڃن، ھن وقت  ڀوتار ، جاگيردار سنڌ جا حاڪم بڻيل آھن ھنن جي سوچ به اھڙي آھي ھو ھڪ طرف غريبن جو رت چوسي پاڻ ۽ پنھنجي اولاد جي  عياشي جو بندوبست ڪن ٿا انھن لاءِ  نه رڳو ھتي جاگيرون ٺاھين پيا پر لنڊن، پيرس دبئي ۾ ڪمرشل اپارمينٽس تيار ڪري ڇڏيا اٿن  پر غريبن کان ڳوٺ گام ڌرتي کسي پاڻ ۽ غير مقامي سرمائيدارن کي ڏيڻ ٿا جيڪو وڏو الميو آھي ساڳي وقت اھي رجعت  پرست ڀوتار ڪنھن مسڪين جي پٽ يا ڌيءَ جي   پڙھائي ۾ رڪاوٽون پيدا ڪندا آھن اھڙا ڪافي حربا استعمال ڪندا آھن جيئن غريب طبقو اڳتي نه وڌي،  ننڍن کاتيدارن ۽ شريفن جي زمينن تي قبضو ڪري پنھنجي نالي ڪرڻ تي وڏيرو فخر محسوس ڪري ٿو ۽ ان کي پنھنجو جائز حق سمجھي ٿو، پر ڪنھن غريب  رڳو ٻه جريب زمين جا خريد ڪيا ته ھن جو رت ايستائين پيتو ويندو جيستائين اھي 2 جريب سندن حوالي نٿا ڪيا وڃن،

ھونئن ته سڄي سنڌ جو اھو حال آھي پر مون مٿي ذڪر ڪيو ته ٺٽو ضلعو سرفھرست آھي، ان جو مرڪز  ڪراچي ۽ حيدرآباد کي ڳنڍيندڙ سپر ھاءِ وي جي ٻنھي پاسن کان پيل زمينون آھن جن تي  سون سالن کان مسڪين رھندا ھيا ڀلي ڪھڙي به ڏڪار ھجي پر اھي ماڻھو پنھنجن پڊن تي پنھنجو ساھ ڇڏيندا ھيا بک ڏک تڪليف افلاس ھوندي به ھو اھا ڌرتي ڇڏڻ تي راضي نه ھيا ڇوته  ان خطي ۾ مل پالاري جھڙي مھان مھمان نواز ڪچھري جي ڪوڏئي  مڙسن جون يادون ۽ پيرن جا نشان اڄ به موجود آھن ۽ طالب پالاري جي مورن ۽ سرندي جي آواز جا پڙاڏا اڃان به ڪاري ارھ جبل، بولا خان، سري، مول نوري آباد سپر ھاءِ جي ٻنھي پاسن کان گونجي رھيا آھن ڪينجھر ڍنڍ اڄ به موجن ۾ آھي جھمپير جي کجين جي تاڙي اڄ به ان ساڳي رنگ روپ ڍنگ ۾ موجود آھي  حسن درس جي شاعري جا  عڪس اولڙا اڃا تائين انھن  وڻن تي موجود آھن پر افسوس سندن  زمينون ھنن کان وڃن پيون سندن لاءِ  اھو وڏو مايوسي جو سسب ٿيندو پيو وڃي ساڳي وقت پاسي ۾ قائم ونڊ پاور ملن ۾ سندن ماڻھن کي روزگار جا موقعا گھٽ ملن ٿا پر جڏھن کان بحريا ٽاون جھڙن منصوبن منھن ڪڍيو آھي اتي ان غريبن لاءِ  اھا زمين  تپي ٽامون ٿي سوڙھي ۽ تنگ به ٿي پئي آھي ھنن جي زمينن تي لالچي ڀوتارن ۽ انھن جي ڇاڙتن  ڪوڙا کاتا ڪرائي زمينون پنھنجي نالي ڪري وڪڻڻ شروع ڪيون  آھن ان ڪري ماروئڙا  پنھنجا قبرستان، کوھ، مال جا  چراه گاه اجھور ڇڏڻ تي مجبور بڻيل آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.