سنڌ ۾ ڪڻڪ جي خريداري ۽ آبادگار جي دانھن  

اھا ھڪ مڃيل حقيقت آھي تھ سنڌ جي آبادي جو وڏو حصو زراعت سان واڳيل آھي.صوبي جي معيشيت،خوشحالي،عام ماڻھو  جي خوشين ۽ غمن جو تعلق پڻ زراعت جي ڦيرگھير سان ئي رھندو اچي ٿو.ڪجھھ وقت کان موسمن جي بدل سدل سان فصل پوکي ۽ ان جي لھڻ  جو وقت تبديل ٿي ويو آھي،جنھن بابت سنڌ جي ھارين کي بھتر ۽ وقتي معلومات تھ نٿي ملي پر حڪومت طرفان جوڙيل زراعت کاتي مان سنڌ جي عام ھاري،آبادگار ۽ ننڊي زميندار کي فائدي بدران سدائين نقصان ئي رسندو آيو آھي.جنھن ڪري ماڻھون انھن کاتن جي ڪارڪردگيءَ تي ھر دور ۾ ھر موسم ۾ سوال اٿارين ٿا.

تازو سنڌ ۾ ڪڻڪ جي فصل لھڻ بعد ان جي خريداري جو مرحلو جاري آھي.جنھن بابت لڳ ڀڳ سموري سنڌ مان آباگارن،ھارين ۽ ننڍن زميندارن دانھن ڪئي آھي تھ انھن سان زيادتيءَ ٿي رھي آھي.ھنن جي شڪايت آھي تھ خوراڪ کاتي جو  عملو سياسي ماڻھن،وڏن زميندارن ۽ بااثرن کي بارداڻو ڏئي رھيو آھي.جڏھن تھ عام ھارين کي مڪمل نظرانداز ڪيو پيو وڃي.شڪايت ۾ اھو پڻ چيو ويو آھي تھ عام آبادگارن کان سرڪار طرفان مقرر ڪيل اگھن کان گھٽ اگھه تي ڪڻڪ خريد ڪئي پئي وڃي.جنھن ڪري انھن جو وڏو نقصان ٿي رھيو آھي.

ھارين ۽ ابادگارن جو چوڻ آھي تھ ھر علائقي ۾ خوراڪ کاتو سفارش تي بارداڻو ڏي ٿو،وڏن واپارين جي ھڪ ھٽي ھئڻ ڪري ننڍن زميندران کي ليکي ۾ ئي نٿو آندو وڃي.جنھن ڪري ھنن کي مجبور ڪري سستي اگھن تي ڪڻڪ خريد ڪئي پئي وڃي.

حڪومت تھ ڪڻڪ جي خريداري جو اگھھ 4 ھزار 6 سئو رپيا في مڻ مقرر ڪيو آھي پر انھن کي مجبور ڪيو پيو وڃي تھ ڪڻڪ 3 ھزار 2 سئو رپين ۾ في مڻ ڪڻڪ ڏني وڃي.آباگارن جو چوڻ آھي تھ ھن دور ۾ ھر فصل جي پوکائي، ان تي ھاري جي محنت،ڀاڻ ۽ زرعي دوائن سان ڪڻڪ جي في ايڪڙ پئداوار تي لاڳت وڌيڪ اچڻ ڪري سرڪار پاران مقرر ڪيل اگھه باوجود ھاري کي نقصان ٿي رھيو آھي، مٿان وري ڪڻڪ جي خريداري ۾ پڻ سياسي مداخلت،واپارين جي ھڪ ھٽي ۽ بااثرن جي سفارش سبب عام ھاري ناري معاشي قتل ڪيو پيو وڃي.

حڪومت جڏھن بھ ڪو فصل لھندو آھي تھ  ھارين يا آبادگارن سان ٿيندڙ زيادتي بابت دانھن يا شڪايت جو ڪو نوٽيس نھ ورتو آھي. سرڪار جو لاڳاپيل کاتو پڻ ننڍن ۽ عام ھارين کي مڪمل طور نظرانداز ڪري ٿو ڇڏي.اھڙي صورت ۾ ھنن وٽ احتجاج جو ئي رستو بچي ٿو پر بدقسمتيءَ سان انھن جي احتجاج يا شڪايت تي پڻ اختياريون ڪو ڌيان ڏيڻ جي لاءِ تيار نھ آھن.

ڪافي ڏينھن کا ن سنڌ جي مخلتف علائقن ۾ ھارين ۽ ننڍن آبادگارن پاران احجتاج جاري آھي.قمبر ۾ ھارين بااثرن خلاف مظاھرو ڪيو.ميھڙ ۾ پڻ بارداڻو نھ ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.کپري،ڀان سيد آباد،خيرپور ۽ ٻين شھرن ۾ اھڙي زيادتي خلاف ھارين مظاھرا ڪري احتجاج نوٽ ڪرايو آھي،

سنڌ جي مخلتف علائقن مان اھي شڪايتون پڻ مليون آھن تھ خوراڪ کاتي سان ملي ڪري ڪجهھ بااثر ڌريون في بارداڻو ھڪ کان ٻھ سئو رپين ۾ باداڻو وڪڻي رھيا آھن.جنھن سان آبادگارن کي نقصان ڏنو پيو وڃي.سنڌ ۾ ھڪ مڪمل سياسي انتظام آھي، حڪومت بھ وجود رکي ٿي. ان جو زراعت سان واڳيل کاتو بھ ڪم ڪري پيو، ڪڻڪ جي خريداري جي لاءِ خوراڪ کاتو پڻ ميدان ۾ موجود آھي ان ھوندي بھ ھر ڀيري اھي شڪايتون اينديون رھن ٿيون ۽ ان جو ڪنھن بھ سطح تي ڪو تدارڪ نٿو ڪيو وڃي.جنھن سان عوام ۾ چڙ ۽ حڪومت ڪارڪردگيءَ خلاف ماڻھن جي جذبي ۾ اضافو ٿيندو رھي ٿو.

وقت جي حڪومت کي ٻين ڪم ڪارين ۽ انتظامن سان گڏ سنڌ ۾ ڪرنگھي جي حيثيت رکندڙ زراعت واري شعبي ڏانھن پڻ گھربل ڌيان ڏئي ڪري، ننڊن آبادگارن،ھارين ۽ زميندارن جي اھڙن اھم مسئلن جي حل لاءِ اڳتي اچڻ گھرجي،جئين عوام جي دانھن ختم ٿي سگھي ۽ ان مان ھارين کي فائدو پھچي سگھي.جنھن انداز سان سنڌ ۾ خاص ڪري ھارين جا مسئلا وڌي رھيا آھن انھن جي حل ۽ تڪرارن جي نبيري جي لاءِ ھارين جو عدالتون پڻ قائم ڪري سگھجن ٿيون.جن جو ڪم ھارين جي معاملن کي حل ڪرڻ ۽ ان بابت قانون جي روءَ سان فيصلو ڪرڻ ھجي.جئين سماج ۾ وڌندڙ تڪرار ۽ ڇڪتاڻ  ۾ گھٽتائي اچي سگھي ۽ اسان ھڪ نئين سماج جي اڏاوت جو بنياد رکي سگھون.

نيم وڏيرڪي سرشتي واري سماج ۾ ھن وقت بھ جيڪو ڏاڊو سو گابو وارو حال ھئڻ ڪري سنڌ ۾ ھاري،ننڊا زميندار ۽ آبادگار  زمين سان تعلق رکندڙ مسئلن سبب ورھين تائين ڦاٿل ھوندا آھن، ان سان گڏوگڏ اھي پاڻي کي محروم رھن ٿا. انھن کي ڀاڻ  ۽ زرعي دوائون بھ مھانگيون ملن ٿيون، ھر قسم جي فصل پوکڻ وقت اھي سمورا مسئلا سامھون اچن ٿا ۽ حڪومت جا متلق کاتا عوام جي انھن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپيءِ نٿا رکن.جنھن ڪري زراعت سان سلھاڙيل اھو طبقو ڳڻتي واري حالت ۾ گھاري ٿو.

حقيقت ھي آھي تھ ھاري ئي اھو ماڻھون آھي جيڪو وڏي محنت ڪري ان اپائي ٿو. جنھن سان لاڳاپيل ڪنھن بھ مسئلي جي حل لاءِ ڪنھن بھ حڪومت ڪو بھ اھڙو ادارو نھ جوڙيو آھي جيڪو کين تڪڙو ۽ وقت سر رليف مھيا ڪري سگھي.نالي ۾ ضرور کاتا آھن پر انھن ۾ مقرر ڪامورا ھارين کي ذري گھٽ انسان تصور ڪرڻ لاءِ تيار نھ آھن.جنھن ڪري ھارين ۾ محرومي جو احساس پئدا ٿئي ٿو.حڪومت کي گھرجي تھ ھارين،آبادگارن ۽ ننڊن زميندران جي مسئلن کي اوليت ڏيندي حل ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي ۽ انھن کي عملي طور تي حل ڪرڻ جي لاءِ سنجيدگيءَ جو مظاھرو ڪري،ڇاڪاڻ جو عرصي کان انھن کي حل نھ ڪرڻ سان صورتحال جئين پوءِ تئين وڌيڪ خراب ٿي رھي آھي.جنھن سان حڪومت ۽ ھارين وچ ۾ اڳي ئي موجود وڇوٽي اڃان بھ وڌي وئي آھي.جنھن ڪري انھن کي حل ڪرڻ ھاڻي اشد ضروري ٿي پيو آھي.

توقع ڪجي ٿي تھ سنڌ جي موجودھ عوامي حڪومت ھارين سان بارداڻي،پاڻي،ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي سلسلي ۾ ٿيندڙ زيادتيءَ جي ازالي لاءِ تڪڙا قدم کڻي، ھارن ۾ پئدا ٿيل بي چييني ختم ڪندي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.