سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف آواز سنڌ ڪانفرنس ۽ ضبط ٿيل هٿيارن جو معاملو

رپورٽن موجب ڪراچي پريس ڪلب ۾ سنڌ رائيٽرس اينڊ ٿنڪرس فورم ۽ پاڪستان فيڊرل يونين آف جنرلسٽس (پي ايف يو جي) طرفان سنڌ ۾ بدامني ڇو ۽ ڇا لاءِ جي عنوان هيٺ آواز سنڌ ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ مقررن سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ تيزي سان وڌندڙ بدامني تي سنڌ حڪومت جي ناڪامي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وفاقي حڪومت کي امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اها سنڌ کي ڌاڙيلن ۽ دهشت گردن وٽ يرغمال بڻائڻ بابت پاڻ مرادو نوٽيس وٺي سنڌ حڪومت ۽ سنڌ ۾ موجود رياستي ادارن کان افغانستان مان نيٽو جا هٿيار پهچڻ بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي. ڪانفنرس ۾ ڄاڻايو ويو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي سرپرستي ۾ ملوث رياستي ادارن، ايجنسين کي سردار، ڀوتارن جي پٺ ڀرائي ختم ڪري سنڌ جي خلاف سازشون ختم ڪري  ڌاڙيلن وٽ نيٽو هٿيار پهچڻ جي ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ گورنر هائوس ۾ ڪراچي شهر ۾ بدامني لاءِ قائم سي پي ايل سي جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌايو وڃي. ان ڪانفرنس ۾ پي يو ايف جي اڳواڻ خورشيد عباسي، سنڌي رائٽرس اينڊ ٿنڪرس فورم جي اڳواڻ مظفر چانڊيو، نور احمد ڪاتيار، مظهر عباس، مشتاق ميراڻي، الطاف ميمڻ ۽ سول سوسائٽي جي اهم شخصين ويچار ونڊيا ۽ مختلف تجويزون پيش ڪيون.

جنهن وقت اها ڪانفرنس هلي رهي ته ساڳي ڏينهن تي بلوچستان مان اسمگل ٿي آيل هٿيار پوليس گاڏي ۾ جيڪب آباد آندا پئي ويا سي پڪڙيا ويا آهن. ابتدائي رپورٽون آهن ته اهي هٿيار سرڪاري پروٽوڪول آهن ته اهي هٿيار سرڪاري پروٽوڪول ۾ اچي رهيا هيا جنهن ۾ هڪ سرڪاري شخصيت ملوث ڄاڻائي وئي آهي جيتوڻيڪ ان سرڪاري شخصيت پنهنجي ملوث هئڻ واري خبر جي ترديد ڪئي آهي پر ان ڪارروائي ۾ پوليس موبائيل ۽ پوليس اهلڪارن سميت نجي ملازمن سميت بلوچستان مان ايل ايم جي جون هزارين رائونڊ گوليون، ڪلاشنڪوف جي گولين جون پيتيون جي ٿري رائفل سميت وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

هٿيارن جي پڪڙ واري اها خبر تمام وڏو ثبوت آهي ته هٿيار ڌاڙيلن وٽ سرڪاري وسيلن ۽ ذريعن هٿان پهچن ٿا جنهن جي نشاندهي ڪافي عرصي کان مختلف حوالن سان ٿيندي رهي آهي. آواز سنڌ ڪانفرنس ۾ به سوال جي شڪل ۾ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته ڌاڙيلن وٽ آخر نيٽو طرز جا هٿيار ڪيئن ٿا پهچن. اها سواليه نشاندهي ساڳي وقت جواب به آهي ته اصل ۾ ڌاڙيلن، دهشتگردن ۽ موبايل ڦورن کي ڳجهي سرڪاري سرپرستي حاصل آهي جنهن ۾ حڪومتي ماڻهو، پوليس، علائقن  جا وڏيرا، سردار ۽ جاگيردار ملوث آهن. ٻاهران ايندڙ غير قانوني هٿيار جيڪي پوليس گاڏين ۾ اچن ٿا تن کي عام طور تي روڪيو نٿو وڃي ۽ اهي پوءِ سولائي سان ڌاڙيلن ۽ دهشت گردن تائين پهچي وڃن ٿا پر جيڪڏهن حڪومت واقعي به امن امان جي معاملي کي سنجيدگي مان وٺي ته اها جيڪب آباد واري ڪارروائي وانگر سرحدن تي سخت چڪاس ڪري هٿيارن جي کيپ ضبط ڪري هٿيارن جي اسمگلنگ ۽ چرپر کي روڪي سگهي ٿي ۽ ان ڪڌي عمل ۾ ملوث سرڪاري ماڻهن کي بي نقاب ڪري ته ڪو سبب ناهي جو بدامني کي ٻنجو اچي سگهي.

ان حوالي سان آواز سنڌ ڪانفرنس وانگر روز ان موضوع تي ٿيندڙ سيمينار ۾ ڏوهن کي روڪڻ جون تجويزون ڏنيون وينديون آهن. آواز سنڌ ڪانفرنس ۾ اٿاريل اهو  نقطو بيحد اهم آهي ته جيڪڏهن سنڌ سرڪار لڳاتار چار ڀيرا حڪومت ڪرڻ باوجود بدامني تي ضابطو نٿي آڻي سگهي ته اها ناڪامي جو اعتراف ڪري وفاقي حڪومت کي اهو ٽاسڪ ڏئي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ به خاص ڪري نواز شريف جي حڪومتن ۾ ڌاڙيلن ۽ دهشت گردن خلاف سنڌ ۾ سخت ۽ نتيجي جوڳا ڪامياب آپريشن ڪري ڏيکاريا آهن خاص ڪري سال 2013ع ۾ راحيل شريف جي نيشنل ايڪشن پلان ته ڏوهارين جي نيٽ ورڪ کي مڪمل طور تي ناس ڪري ڇڏيو هو ۽ هڪ ئي وقت سڄي ملڪ اندر مثالي امن قائم ٿي ويو هو. ان آپريشن کانپوءِ طالبان جي تخريب ڪاري ڪراچي ۾ دهشت گردي ۽ ڌاڙيلن جي وارداتن کي مڪمل طور تي ٻنجو اچي چڪو هو.

هاڻي به ان قسم جي آپريشن جي ضرورت آهي جيئن هڪ ئي وقت سنڌ اندر مڪل طور تي امن امان بحال ٿي وڃي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت اهڙو سخت آپريشن نه ڪيو ته ظاهرآهي ته وفاقي حڪومت تي مختلف سياسي ۽ مذهبي جماعتون دٻاءُ وجهنديون ته صوبائي حڪومت بدامني کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي تنهن ڪري اوهان ماضي وانگر سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ ڦورن خلاف آپريشن ڪيو. واضح رهي ته اهڙو مطالبو ايم ڪيو ايم به ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۽ آواز سنڌ ڪانفرنس ۾ به اهڙو مطالبو ڪيو ويو آهي.

اسان اصولي طور تي جيتوڻيڪ سنڌي عوام جي چونڊيل سنڌ حڪومت جو اهو جمهوري حق سمجهون ٿا ته ان جي سرڪار ۾ وفاقي حڪومت مداخلت نه ڪري پر جيڪڏهن سنڌ حڪومت عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ واري اولين ڊيوٽي ادا نه ڪندي ۽ بدامني جي اشو کي چئلينج نه ڪري وٺندي ته لاقانونيت جو راڄ وڌندو ويندو ۽ پوءِ سنڌ حڪومت تي پڻ دٻاءُ پوندو رهندو. تنهن ڪري سنڌ حڪومت مخالفن جي راءِ کي سازش سمجهي هڪ ڪَن مان ٻڌي ٻئي ڪَن مان ڪڍي ڇڏڻ واري روش بدران گڊ گورننس تي ڌيان ڏي ۽ رٽ قائم ڪرڻ جي صلاحيت وڌائي ته بهتر آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.