باکوڙي موريءَ جي شهيدن جي ياد ۾

تحرير: شهباز پيرزادو

شهيد قومن جي سڃاڻپ ڪارڊ ۾ سڃاڻپ جي نشاني هوندا آهن، جن کي وسارڻ ڌرتي سان دغا ڪرڻ برابر  آهي، جيڪي ماڻهو مٽيءَ  جي مرياده لاءِ  جان جو نظرانو ڏئي هميشه لاءِ  سرخرو ٿي ويندا آهن انهن جي عظمت جا نغارا تاحيات پيا گونجندا آهن .

اپريل جا گرم ڏينهن سنڌ جي سياسي شعور رکندڙ ماڻهن  لاءِ  انتهائي  ڏک ڀريا ڏينهن هوندا آهن جڏهن سنڌ جي عاشقن کي سرعام روڊ تي جيئري ساڙيو ويو هو، فقط ان ڏوهه ۾ ته هو سنڌ سان عشق ۾ فنا ٿي ڌرتيءَ  جي ازلي بقا جي ڳالهه ڪري رهيا هئا سرائي قربان کهاوڙ ۽ سندس ساٿين جو چوريل چنگ ايترو ته خطرناڪ ثابت ٿيو جو کين ڏينهن ڏني جو بيدرديءَ  سان قتل ڪري ظلم جي تاريخ رقم ڪئي وئي

21 اپريل جي ڏينهن کي سنڌ ڀلا ڪيئن ٿي وساري سگهي جنهن ڏينهن تي پنهنجي رهبر سائين جي ايم سيد جي ورسيءَ  جي سياسي جلسي جون دعوتون کڻي نڪتل عاشقن جي قافلي کي سانگهڙ لڳ باکوڙيءَ  موري وٽ ماريو ويو .سرائي قربان کهاوڙ جو قتل سنڌ جي قومي تحريڪ مٿان اهو خطرناڪ حملو هو جنهن جا اثر اڄ به قومي تحريڪ مٿان آهن هو فقط پنهنجي گهر جو ڌڻي نه هو پر ڌرتيءَ  جي عشق ۾ رچي ريٽو ٿيل اُهو شخص هو جنهن لاءِ  هر قومي ڪارڪن اولاد مثل هو، هو مسڪينن ۽ بي پهچ ماڻهن جو يار هو ۽ قومي ڪارڪن لاءِ  ڇپر ڇانو هو هن جي شهادت جو صدمو فقط سندس گهر ڀاتين کي نه ٿيو هو پر مڪلي کان مهين جي دڙي تائين سڄي سنڌ غم جي درياهه ۾ ٻڏي وئي هئي .

‏عبدالجبار چولياڻي عرف روپلو پنهنجي هم ڪلاس ساٿين ۾ نظرياتي هجڻ ڪري هميشه نروار ۽ نمايان رهيو. هن محبوبائن کي خط لکڻ جي عمر ۾ فڪري ويهڪون ڪرايون، سياسي  پرچار ڪئي ۽ سنڌ جي فڪر کي عام ڪيو. هن کي بيدردي سان ماري، دشمنن پنهنجي سفاڪ هجڻ جو چٽو ثبوت ڏنو هڪ باشعور ۽ پڙهيل شخص جو قتل انهن آسُن، امنگن ۽ يقين جو قتل به آهي جيڪو يقين هڪ پوڙهو پيءَ  پنهنجي من ۾ ان وقت پاليندو آهي جڏهن محنت ڪري پنهنجي اولاد کي اعلي تعليم ڏياريندو آهي، روپلي چولياڻي پنهنجي سياسي آدرشن جي بقا لاءِ  پنهنجو سر گهوري قومي تحريڪ جو وڃايل ويساهه بحال ڪرائي ويو. اسان وٽ هميشه تاثر ڏنو ويندو آهي ته” اڳواڻ ڪارڪنن کي سياري جو ٻارڻ بڻائي هٿ سيڪن ٿا ” پر روپلو ۽ سرائي قربان اهي اڳواڻ آهن  جن پهريان پنهنجو سر ڏنو ۽ بعد ۾ قومي ڪارڪنن لاءِ  قرباني جي جذبي جي راهه ٺاهي .

‏سنڌُ جو عوام ڀلا نورالله تنيو جي انهن ڪجلين اکين کي ڪيئن ٿو وساري سگهي جن جي ڪناري مٿان سندس خوابن جي شهزادي جي چپڙن جي ٻيڙي لنگر ٿيڻي هئي، هو نور الله تنيو جيڪو 21 اپريل واري واقعي ۾ زخمي ٿيو ۽  30 اپريل تي زخمن جا سور نه سهندي شهيد ٿي ويو هن سموري واقعي بابت پوري دنيا کي حقيقت کان آگاه ڪيو ، اڃان ته نور الله جي امڙ سندس شادي جا سهرا ئي نه ڳاتا هئا نه ئي سندس مک تي موڙ سجايا هئا هو پيار ڪرڻ جي مند ۾ بيدردي سان قتل ڪيو ويو سندس بيڏوهه وهايل رت هن رياست کان هميشه تاريخ جي عدالت ۾ پڇاڻو ڪندو رهندو .

‏سنڌ مٿان ظلميت جي ڊگهي داستان آهن، اسين وسيلن جي ڦرلٽ، ناڪام حڪمراني، بدامني، ڪارو ڪاري، قتل غارت، ڌاري آبادڪاري ۽ پاڻيءَ  تي ڌاڙي جهڙن وڏن مسئلن سان منهن ڏيئي رهيا آهيون ساڳئي وقت اسان جي نسل ڪشي به ٿي رهي آهي ڪجهه مهينا اڳ اسان جي معزز شهري ۽ فرض شناس استاد محترم هدايت الله لوهار کي به سرعام قتل ڪيو ويو جنهن جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن ۽ سندس ڪٽنب سراپا احتجاج آهي .

‏ظلم جي ڪاري رات ڪيڏي به ڊگهي ڇو نه هجي پر سچ جو سورج اڀرڻو آهي، اسان تاريخ جي جهروڪن مان ڏٺو آهي جن زميني خدا هجڻ جي دعوا ڪئي سي به مٽيءَ  ۾ ملي خاڪ ٿي ويا پر تاريخ جي سيني تي اهي نالا سدائين امر ٿي ويا جن سچ جو ساٿ ڏنو ۽ بنا لالچ خوف جي عوامي سياست ڪئي، تاريخ جي  انهن عظيم ڪردارن جي قطار ۾ اسان جا هي سنڌي سورما به آهن جن ڏاڍ جي ڏيهه ۾ سچ جو جهنڊو کنيون ۽ سچ جي پرچار ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کين جيئرو ساڙيو ويو،

‏هي شهادتون اسان جو اتساهه آهن،  سنڌ ڌرتيءَ  جي حقن جي حاصلات واري جدوجهد جو ذڪر جڏهن به ٿيندو ته ان ۾ سرائي قربان، روپلي ۽ نورالله جو نالو سنهري اکرن ۾ لکيل هوندو ڇو جو هي اُهي ماڻهو هئا جن قومي تحريڪ جو وڃايل ويساه بحال ڪيو .

 

‏ساهڙ مون جيئن سرتيون جي ڏسو سڀئي

‏سمهون ڪين سک ٿي، ور پاسو ڏيئي

‏مونهان اڳئي گهڙو سڀ گهڙا کڻي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.