ملڪن جي بهتر لاڳاپن جي اهميت کي سمجهڻ جي ضرورت آهي

تحرير: حميده گهانگهرو

ايڪتا انساني رشتن جو بهترين ٻنڌڻ سمجهيو وڃي ٿو. يڪجهتي ئي آهي جنهن دنيا کي جوڙي گلوبل وليج کي ترجيح ڏني. سڄي دنيا جي دائري ۾ رهندڙ هزارين قومن جي رنگ، نسل، مذهب، فرقن، تهذيبن، ثقافتن، ٻولين جي الڳ هئڻ باوجود ترقيءَ جي ڪيترن مرحلن کانپوءِ هڪ جديد ٽيڪنالاجي انسانذات لاءِ برابر هڪ مجبوري ٿي وئي آهي ۽ جيڪڏهن جديد ٽيڪنالاجي کي نظر انداز ڪجي ته هوند انسان، انسان کي سڃاڻي به نه سگهي. ڏسڻو اهو آهي ته انهيءَ سڃاڻپ جا رستا ڪيترا مضبوط ۽ ڪيئن ڪمزور ٿين ٿا يا وري ترقيءَ جي خوف ۾ ڪي سامراجي، استعماري قوتون پنهنجي من پسنديءَ تي انساني رشتن تي ڏار پوڻ ۾ مرچ ٻرڪڻ وارو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مشغول رهي پنهنجي ضرورت ۽ ذهنيت کي تسڪين ڏيڻ ۾ ڪافور جو ڪم ڪن ٿيون.

تازو هڪ خبر آئي آهي ته ڪراچي ڪورٽ جي ٻاهران تمام اسرائيلي پراڊڪٽ پيپسي، سيون اپ، وغيره وغيره وڪڻڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. سنڌ جا ساڃاهه وند قانوني طور اڇي شرٽ کي امن جي علامت ۽ اونداهه جي خلاف ڪارو ڪوٽ پائي امن جي علامت ۽ جنگ کي سلجهائي اهڙا دليل ڏيڻ جنهن سان انساني جذبن جي پاسداري ڪري سڄي دنيا جي ڳانڍاپي کي مضبوط ڪجي.

مان جڏهن عالمي لاڳاپن بابت پڙهان پئي ته سڀ کان اڳ اهو جملو سکيم ته عالمي لاڳاپن جو معيار ۽ ضرورت ڪيتري اهم آهي.يونان کان هلندڙ لاڳاپن جو رشتو سڄي دنيا ۾ ڇانئجي ويو. آخر انهيءَ حد تائين جو هر ملڪ کي پرڏيهي وزير جو اهم عهدو به مليو ته جيئن اهو سڄي دنيا جي سياسي، سماجي، اخلاقي، مذهبي انساني رشتن  کي مضبوط ڪرڻ  لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي. انهيءَ عمل تحت هر ملڪ  جي پراڊڪٽ جا فائدا ۽ معاشرتي اثرن کي به ذهن ۾ رکيو ويو. سڀ کان اڳ ڪرڪيٽ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ کيڏي ۽ ڏٺي ويندڙ راند آهي ڪيئي ڏهاڪن کان پرڏيهي برانڊ پيپسي اسپانسر ڪري معاشي طور سگهارو بڻائي رهي آهي. ڪيترا پراڊڪٽ پاڪستان ۾ هئڻ ڪري توڻي جوکڻي ان جو لاڀ اسرائيل جي عيسائين ۽ يهودين کي ملي ٿو. پر ڇا انهيءَ اداري يا ڪنهن به وڏي ڪيفي، ميڪڊونلڊ، ڪي ايف سي وغيره ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت پاڪستاني آهي ڪنهن اهو ڏٺو آهي ته انهن هوٽلن جو  پورهيت هن وقت ڪٿي آهي. اڳ ئي ملڪ ۾ وڌندڙ بيروزگاري، معاشي بدحالي ڪري عوام پريشان ۽ خودڪشين ڪرڻ تي مجبور آهي. ٻارن جي کائڻ لاءِ ليز(Lays)  جهڙيون سستيون شيون پسنديده رهيون آهن. ها پيپسي، سيون اپ ڪنهن به ڪولڊ ڊرنگ جا فائدا ۽ نقصان ڄاڻائي بند ڪرڻ تمام ضروري آهي. ڇاڪاڻ جو صحت لاءِ انسان جي حفاظت ضروي آهي. ايئن نه هئڻ گهرجي ته  ”ڪانو جي ڪاوڙ اڪ مڪڙي تي“.

ٻي عالمي جنگ کانپوءِ جڏهن گڏيل قومن جا ادارا ٺهيا ته انهن ادارن جي ذميواري جنگ ختم ڪري امن قائم ڪرڻ هو ۽ پاڪستان گڏيل قومن جو اهم ميمبر آهي، ڇا پاڪستان رڳو آءِ ايم ايف  ۽ ورلڊ بينڪ کان قرض وٺڻ کي ئي مسئلي جو حل سمجهي ٿو. اڄ به پاڪستان جو جيئرو جاڳندو ماڻهو پنهنجي جاءِ تي پر مائرن جي پيٽ ۾ پلجندڙ به ٻار هن دنيا ۾ اچڻ کان اڳ قرضي آهي. ٿوري به سرندي وارا مجبور آهن ته ٻارن جي پيدائش لنڊن ۽ آمريڪا ۾ وڃي ڪرائين ٿا ته جيئن پيدائشي سرٽيفڪيٽ اتان جو هجي. پنهنجي ٻارن کي ٻاهران جي تعليم ڏياريندي فخر محسوس ڪن ٿا. قرض کڻي، عرب امارات ۾ بلڪل لڱ ڪانڊاريندڙ گرمي ۽ سخت پورهئي کي به اهميت ڏين ٿا انهيءَ ڪري جو هن وقت پاڪستان جي رپئي جي اهميت دال ماني کائڻ جيتري به ناهي. ڪڏهن انهيءَ سڄي صورتحال جا سبب معلوم ڪيا ويا آهن.؟

اسانکي پاڪستاني سڏرائڻ تي فخر آهي پر زنده رهڻ لاءِ تعليم، صحت لاءِ روزگار جي ضمانت آهي دوائون نقلي الائي ڪهڙي رينڪ تي هليون ويون آهن. انساني زندگيءَ لاءِ دوائون زندگي ڏيڻ بجاءِ موت جو سبب بڻجن ٿيون. اناج ۾ ملاوٽ چانور ۾ پوليسٽر مڪس، پهرين اسانجي ملڪ جو بهترين ريشم ۽ ڪاٽن پرڏيهه موڪلي پوليسٽر مڪس ريشمي ۽ چمڪدار بڻائي ماڻهن کي بي وقوف بڻائي غير صحت مند لباس پائڻ جو عادي ڪيو ويو. درآمد ۽ برآمد جو ڪاروبار هر ضرورت جا پائڻ، کائڻ جي شين کي غير معياري ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ پاسي ڪنهن به ڌيان ڏيڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي. ننڍي هوندي ديسي آنا ۽ ڪڪڙ جو گوشت کاڌو، ٻارن کي فارمي ڪڪڙ ۽ فارمي آنا کارايا. هاڻي وري اڻ ڏٺو اهڙو فارم هائوس آهي جو آنن ۾ به ڪهڙا ڪهڙا ڪيميڪل مڪس ڪري آنا بازار ۾ اچي چڪا آهن. ڇا پنهنجي ملڪ جي غريب ماڻهن لاءِ هاڃيڪار شيون کائڻ ڪي ايف سي ۽ ميڪڊونلڊ جي رڳو انتهاپسندي کان به بهتر آهن. ڳئن، مينهن، ٻڪرين جي کير ۾ رڳو پاڻي مڪس هوندو هو. پر هن وقت الائي ڪهڙن ڪيميڪل مان پائوڊر ٺهيل کير مڪس ڪري وڪرو ڪيو ٿو وڃي، انڊيا ۽ پاڪستان جون ٿوريون به حالتون خراب ٿيڻ ڪري پٽاٽو، بصر، ٽماٽو زرعي معيشت کي تباهه برباد ٿو ڪري معاشي بحران کي ڳاٽي ٽوڙ ٿو ڪري ڇڏي. جڏهن ته ڏٺو وڃي ته پٽاٽو، ٽماٽو، بصر هندستان جو ئي وڪرو ٿي ٻين ملڪن کان جڏهن پاڪستان پهچي ٿو ته انجي قيمت وڌي وڃي ٿي. پر هڪ مصنوعي انا کي تسڪين ڏيڻ لاءِ ضد ۾ ملڪي حالتن کي ڏيوالي جو شڪار ڪيو وڃي ٿو. اڄ به کائڻ پيئڻ کان وٺي ميڪ اپ تائين به  هندستان اهميت رکي ٿو.

پاڪستان 1947ع ۾ جڏهن ٺهيو ته قائداعظم روس کان صنعتي ترقي لاءِ مدد وٺڻ جو سوچيو ته لياقت علي خان، مخالفت ڪندي چيو ته ڪميونسٽ ملڪ کان مدد نه وٺبي. آمريڪا کان ٿا وٺون. سمجهه ۾ نه پيو اچي ته انهيءَ نظرين جي فرق  آمريڪا سامراجي پاليسي تحت اهڙي ملڪ  کي استعماري نظريي جو غلام بڻائي ڇڏيو جو هن وقت چونڊ ملڪ جي عوام جي ٿي ٿئي. آشيرواد استعماري نظريي کان اچي ٿو. سو سمجهڻ گهرجي ته ترقيون ۽ ملڪن جا ڳانڍاپا مذهبي اختلافن کان مٿانهان هوندا آهن. بلڪل اهڙي طرح جيئن انجنيئر ۽ ڊاڪٽر خود وڪيلن جي عالمي پس منظر ۾ دنيا جو مطالعو، تجربو ۽ مشاهدو ڪرداري کي بهترين بڻائي ٿو. هن وقت ڪمپيوٽر جي ٽيڪنالاجي، جديد ميڊيڪل ٽيڪنالاجي بهترين تعليم جو معيار آڪسفورڊ ۽ هائورڊ يونيورسٽي کي سمجهيو وڃي ٿو. ان کان علاوه جرمني، فرانس، ترڪي، ڪئناڊا ۽ ملائيشيا وغيره وغيره ۾ وڃِي تعليم حاصل ڪرڻ کي قابليت ۽ دنيا کي سمجهڻ جو موقعو سمجهيو وڃي ٿو. اڄ به وڪيل جڏهن ماءِ لارڊ ڪري عدالت ۾ بيهي انصاف لاءِ دليل ڏيندا ته انهيءَ لفظ جي پويان انگريزن جي تعبيداري جو عنصر موجود هوندو. خبر ناهي ته اهي يهودي هئا يا عيسائي هئا. پر ايتري ڄاڻ ضرور آهي ته برٽش لا بهترين نظام هئا. اسڪول جيڪي اڄ به انهن جي نشاندهي ظاهر ڪن ٿا. لينس ڊائون پل جهڙي طرز جي پل ٺاهي ناهن  سگهيا  نهري نظام، ريلوي جو نظام، ڊرينيج، واٽر سپلاءِ جو نظام، اڄ به ايترو اتساهيندڙ آهي جو هر ماڻهو انگلش ميڊيم ۾ ٻار پڙهائڻ کي ترجيح ڏئي ٿو.

انهيءَ ڪري سمجهڻ گهرجي ته ملڪ جي بدامني، خونريزي، نفرتن جا مچندڙ اُلا ختم ڪري ملڪ ۾ امن ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم ڪري ٻين ملڪن لاءِ يڪجهتي طور قدم وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.