پريا ڪماري جي گمشدگي ۽ ادارن جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي

تحرير: غلام حسين لغاري

ست سالن جي معصوم هندو نياڻي پريا ڪماري جي گمشدگي چئجي يا اغوا هن واقعي نه صرف سنڌواسين کي پر عالمي سطح تي پڻ گهري ڳڻتي پئدا ڪري ڇڏي آهي ۽ سندس بازيابي وارا مطالبا ڏينهون ڏينهن تيز ٿيندا پيا وڃن۔ واقعي کي ذري گهٽ ٽي سال گذري چڪا آهن پر پريا جو ڪو به ڏس پتو پئجي نه سگهيو آهي کيس زمين ڳهي وئي يا آسمان کڻي ويو سندس گمشدگي هڪ سواليه نشان بڻيل آهي۔نينگري جي امڙ کي بيهوشي جا دورا پون ٿا سخت پريشان حال آهي سندس والد به تڙپي رهيو آهي پر لاڳاپيل ادارا حڪمران توڙي اعلي عدالتون به خاموش آهن جن کان اغواڪار به ڏاڍا آهن۔ کين سگهه مليل ضرور هوندي جو اهي پريا واپس نه ڪرڻ تي بضد آهن

هن نياڻي جي بازيابي لاءِ  سنڌ ۽ دنيا جا اهي ملڪ جتي جتي به سنڌي رهن ٿا پريا لاءِ  پريشان آهن جيڪي سندس فوري بازيابي لاءِ  مظاهرا ۽ احتجاج ڪري رهيا آهن پر ٻڌڻ ۽ نوٽيس وٺڻ وارو ڪير به ناهي۔سياسي سماجي تنظيمون به احتجاج ۾ شامل آهن جيڪي هر ڏينهن ريليون ڪڍي مظاهرا ڪن پيون

سکر ضلعي جي ڳوٺ سنگرار جي هي نياڻي پريا ڏهين محرم دوران انوقت کان گم آهي جڏهن هو پنهنجي والد راجومل جو هٿ ونڊائڻ لاءِ  قائم سبيل امام حسين ع تي شربت ورهائي مومن کي وڏي پيار ۽ اتساهه سان ڏسي يا حسين ع جو ورد ڪندي رهي پر گهر واپس نه وري ۽ هن واقعي کي ٽي سال گذري چڪا آهن سندس امڙ جو پل پل دانهن ڪوڪن ۾ گذري ٿو هر ڪنهن کي التجا پئي ڪري ته پريا واپس ڪرايو۔هن امڙ ۽ سندس پريا ڏياري به ڏکن ۽ وڇوڙي ۾ گذاري سندس ڏياري جو ڏڻ تڏهن ٿيندو جو رت جا وڇڙيل رشتا ٻيهر پاڻ ۾ ملن۔جيڪي نياڻي کي ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ قائم سبيل تان اغوا ڪري گم ڪري سگهن ٿا سي عام نه هوندا ظاهر آهي ته اهي وحشي درنده هوندا جن کي خوف خدا سامهون نه آيو هوندو۔

افسوس جو مقام آهي جو نه قومي اسيمبلي ۾ نه وري سنڌ اسيمبلي ۾ هن نياڻي بابت ڪنهن ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي ڇا پريا کي هو پنهنجي نياڻي نٿا سمجهن يا اتي ويٺل هر ڳالهه ۽ هر ڏاڍي کان پوري ريت واقف آهن جن خلاف اهي ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍڻ نٿا چاهين۔

هن وقت تائين جيڪي خدشا ۽ انڪشاف ٿيا آهن تن موجب پريا جي گمشدگي ۽ اغوا جا الزام سنگرار جي سيدن تي لڳي رهيا آهن پر الزام هيٺ آيل سيدن به هن وقت تائين ڪو مثبت ۽ مطمئن ڪندڙ بيان ناهي ڏنو جن بابت عام خيال آهي ته اهي ڏاڍا آهن ۽ سندن حويلين جا ڪوٽ ڪيرائڻ مشڪل آهن۔آخر اهي ڪهڙا ڪارڻ آهن جو هن معصوم نياڻي کي گم ڪيو ويو آهي ۽ گم ڪرڻ لاءِ  عاشوري جو ڏهاڙو ڇو چونڊيو ويو۔ٻيا به ڏهاڙا ۽ موقعا ٿي پئي سگهيا۔هن ڳالهه جي به جاچ ٿيڻ گهرجي ته اهي ڳجها هٿ ڪهڙا ٿي سگهن ٿا

هندو نياڻي پريا ڪماري جي گمشدگي يا اغوا سنڌ جو ڪو پهريون ڳڻتي جوڳو واقعو ناهي ۔راڻيپور جي حويلي ۾ به فاطمه ڦرڙو جي قتل جو واقعو پيش اچي چڪو آهي اڃا به ماضي ۾ وڃبو ته سنڌ جون کوڙ ساريون نياڻيون سردارن وڏيرن سيدن پيرن جي حويلين ۾ تشدد جو نشانو بڻيون آهن ڪن پاڻ کي باهيون ڏئي ساڙي خودڪشي ڪري ڇڏي يا کين سگهارن قتل ڪري ڇڏيو جن جا کليل باب بند ٿي چڪا آهن۔ جيڪڏهن ماضي ۾ ڪو انصاف ٿئي ها ته شايد پريا ۽ فاطمه ڦرڙو وارا واقعا نه ورجائجن ها

پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ  سنڌ ۾ سوشل ميڊيا تي توڙي ظاهري طور ڌرڻا لڳي رهيا آهن مظاهرا پيا ٿين احتجاج پيا ٿين پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به هلچل جاري آهي پر افسوس جو حڪومت جي مٿي تي جون به نٿي چري سواءِ  آسرن۔ آخرڪار ڪهڙي سبب انهن کان پڇا ڳاڇا ڇو نٿي ٿئي ۽ مٿن زور بار ڇو نٿو وڌو وڃي ڇا اهي ايترا طاقتور آهن جو اهي قانون جي گرفت ۾ نٿا اچي سگهن جيڪي بنا ڪنهن فرق جي پڪڙ ۾ اچڻ گهرجن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.