ڪراچيءَ ۾ ڊائريا جو مرض وبائي شڪل اختيار ڪري ويو

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي ۾ ڪني پاڻي ۽ گندگي سبب دستن جو مرض وبائي شڪل اختيار ويو آهي. ڪراچي جي اسپتالن ۾ روزانو ڊائريا جا سوين ڪيس سامهون اچي رهيا آهن. سنڌ جي صحت کاتي موجب ڪراچي ۾ جنوري کان اپريل تائين 183 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. 5 سالن کان گهٽ عمر وارن 76,402 ٻارن ۾ دستن جي بيماري رپورٽ ڪئي وئي. 5 سالن کان مٿي عمر جا 90 هزار 955 ماڻهو دستن جو شڪار ٿيا. رپورٽ موجب 5 سالن کان گهٽ عمر جي 6 هزار 938 ٻارن ۾ پيچش جي مرض جي تصديق ڪئي وئي. 5 سالن کان مٿي عمر وارن 9205 ماڻهن ۾ خوني پيچش رپورٽ ڪئي وئي. صحت کاتي موجب جنوري کان اپريل تائين ڪالرا جا 37 ڪيس پڻ سامهون آيا آهن. طبي ماهرن شهرين کي اٻاريل پاڻي پيئڻ ۽ ٻاهريان کاڌا  کائڻ کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.