پاڪ – ايران لاڳاپن جي مضبوطي لاءِ ايراني صدر ابراھيم رئيسي جو وقتائتو دورو

تحرير: منظور ڪالرو

پاڪستان جي اھم پاڙيسري ملڪ ايران سان ڀائرن جھڙا لاڳاپا ۽ واسطا ڪو ھاڻ جا نه پر ڳچ عرصي جي دوستي وارن نيڪ جذبن توڙي اسلامي برادري جي حيثيت ۾ جاري رھندا اچن. ڏکين وقتن ۽ ڪيترين  آفتن جي موقعي تي پاڻ ۾ سندن سھڪاري خدمتون داد جي مستحق آھن. پاڪستان جي سرزمين تان سارو سال مقدس زيارتن واسطي زائرين جا پاڪستاني بارڊرن سميت ھوائي جھازن وسيلي قافلا ايندا ويندا رھن ٿا. جنھن سان معاشي طور ترقي ٿئي ٿي. اھڙي ريت پرڏيهي لاڳاپن جي مضبوطي لاءِ  به ڪوششون جاري رھندي ڏسجن ٿيون.

ھن ڏس ۾ دنيا جي حالتن خاص ڪري وچ اوڀر ۾ فلسطيني عوام مٿان  اسرائيلي چنگيزي ظلمن تي دنيا جي حڪومتن جا ڪيترا حڪمران آمريڪي بلاڪ ۾ رھڻ ڪري يا آمريڪي بندشن کان خوف کائيندي خاموش رھڻ لڳا آھن. پر ٻي طرف انھن ملڪن جي عوام تاريخي پر امن احتجاج، مظاھرا ۽ ريلين جي شڪل ۾ شاھي بينر کڻي جنگين کان نفرت ۽ دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ  انسانن جي مدد سان گڏوگڏ فلسطينين مٿان اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياھو پاران جنگي بربريت کان بچاءَ جا مطالبا ڪرڻ لڳا آھن خود آمريڪا، برطانيا سميت يورپ ۽ ايشيا جي ملڪن ۾ فلسطيني رياست جي حق  ۽ جنگ بند ڪرڻ واسطي اسرائيل خلاف عوامي احتجاجن ظالم حڪمرانن خاص طور تي اسرائيلي حامي يا سھولت ڪاري ڪندڙ ملڪن جي حڪمرانن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آھن.

انھن جنگي، معاشي، دھشتگردي توڙي امن سلامتي ۽ ترقي جي رٿائن تي ڪم ڪرائڻ واسطي پاڪ – ايران لاڳاپن ۾ بھتري لاءِ  اسلامي جمھوريه ايران جو صدر "ابراھيم رئيسي” صدارت جو منصب سنڀالڻ کان پوءِ پھريون دفعو پاڪستاني حڪمرانن جي دعوت تي سڀاڻي 22 اپريل 2024ع کان ٻن ڏينهن جو دورو ڪرڻ لاءِ  پاڪستان پھچڻ وارا آھن ان حوالي سان برادر ملڪ جي صدر جو محبتن ڀريو اوسيئڙو جاري ڏسجي ٿو. پاڪستان جي اندرئين خاص ڪري معاشي ۽ امن امان وارين حالتن کي ڏسندي دوست  ملڪن سان لاڳاپن کي اھميت ڏيڻ واري پاليسي جي ساراھ ڪجي ٿي جيئن باھمي تعلقاتن سان انھن خراب حالتن کي منھن ڏيڻ ۾ آساني ٿي سگھي ٿي. ان سميت آءِ ايم ايف کي به اھو موقعو نه ملندو ته اھي ملڪي سالميت پٽاندڙ سخت شرطن تي قرضي بڻائي غلامي طرف ڌڪو ڏين.

ايران جو موجوده صدر جناب ابراهيم رئيسي کي اھو اعزاز حاصل رھيو آھي ته پاڻ اسلامي انقلاب جي سرواڻ آيت الله خميني ۽ ھاڻوڪي سپريم اڳواڻ آيت الله خامنائي جن جي ويجھن دلير وطن دوست ساٿين ۾ شمار ٿين ٿا.

رئيسي جو جنم 1960ع  ڌاري ايران جي مقدس شھر جو درجو رکندڙ "مشھد”  جي علمي گھراڻي ۾ ٿيو. سندن والد عزيز مشھور عالم ھو. جنھن جي وفات وقت رئيسي جي عمر پنج سال ھئي. پاڻ والد صاحب جي نقش قدم تي ھلندي تعليم طرف شوق ذوق رکندي علمي ميدان تي ڪاميابيون ماڻيون. صدارت جو اعلا منصب سنڀالڻ کان اڳ رئيسي صاحب ايراني عدليا ۾ 25 سالن جي ڊگھي مدي تائين بطور "پراسيڪيوٽر” خدمتون سرانجام ڏنيون. ان بعد سندس علمي لياقت مرتبن، مشاھدن ۽ فرض شناسين کي ڏسندي کيس ايراني عدالت جو سربراھ مقرر ڪيو ويو.

سندن شاندار عدالتي سفر بعد چونڊن ۾ ايران جي صدارت واري عھدي لاءِ  نالو تجويز ڪيو ويو جيڪو ايراني قيادت منظور ڪندي سندس حمايت ڪئي.  ابراھيم رئيسي چونڊن  ۾ عاليشان فتح کان پوءِ ملڪ جو صدر بڻيو ته پوري ملڪ جي اڪثريتي عوام طرفان خوشيءَ جو اظھار ڪندي مٿانئس مڪمل اعتماد ڪيو.

ڪيترين خوبين جو مالڪ ايران جو عمامو پاتل (پڳدار) صدر ابراھيم رئيسي ان وقت پاڪستان جو دورو ڪرڻ لڳا آھن جڏھن تازو اسرائيل جي جنگجو وزير اعظم پاران فلسطين ۽ شام ۾ اڳرائي ڪندي ظالماڻيون ڪارروايون ڪيون آھن. انھن جنگجو حملن جي جواب ۾ نيٺ ايراني قيادت ھمت ڪندي اڪيلي سر ڪيترين پابندين ۽ ترقيءَ جي عمل ۾ گھڻين  رڪاوٽن باوجود اسرائيل خلاف جوابي فوجي ايڪشن کنيو جنھن تي ايراني عوام سميت دنيا جي گهڻن ملڪن سميت اتي جي عوام خوشين جا اظهار ڪندي "ايران جي بھادري وارن قدمن” کي سلام پيش ڪيا.

ايراني صدر پنهنجي اعليٰ سطحي وفد (مختلف شعبن جي ماھرن) سان گڏ اسلام آباد پھچندو. ميڊيا رپورٽ مطابق ايراني صدر جي دوري کان اڳواٽ "حفاظتي ٽيم” اسلام آباد پھچي دوري بابت معلومات وٺي ان موجب سيڪيورٽي جا جوڳا اپاءَ ڪندي. ھن دوري کان اڳ طئي ڪيل معاھدن ۽ مفاھمت جي ياداشت کي منظوري ڏيڻ لاءِ  آخري شڪل ڏني وئي آھي. جيئن ته پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شھباز شريف جن جي دعوت تي ايران جو معزز صدر ابراھيم رئيسي  پاڪستان تشريف فرما ٿي رھيا آھن تنھن ڪري ساڻن جدا جدا ملاقاتون ڪري پاڪ – ايران لاڳاپن کي دنيا سان گڏ پاڙيسري حالتن  مطابق اھم فيصلا ڪرڻ واري منظرنامي ۾ ھي دورو نھايت اھميت رکي ٿو.

ھن ڏس ۾ علائقائي تعاون، اسرائيلي جارحيت سبب فلسطين مٿان خونخوار جنگي صورتحال گڏيل قومن جي اداري جي فلسطينين جي حق ۾ ڏنل فيصلن/پاس ڪيل قرارداد   تي عملدرآمد ڪرائڻ، سلامتي ڪائونسل کي غيرجانبدار رھڻ، گيس پائپ لائين واري منصوبي کي (امريڪي ھٺ ڌرمي توڙي ڌمڪين جي  پرواھ نه ڪندي) پاڪستان جي ضرورت کي ڏسندي عملي جامو پھرائڻ، واپار کي هٿي  ڏيڻ، باھمي سھڪار، اسمگلنگ، منشيات  جي روڪٿام ۽ دھشتگردي خلاف سخت ايڪشن کڻي سرحدن جي حفاظت ڪرڻ جھڙا نقطا اھميت رکن ٿا جن جي منظوري بعد  ترقي جو نئون سفر جاري و ساري رکيو ويندو.

ايران جي ھاڻوڪي صدر طرفان پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي کيس ڀليڪار ڪندي اميد ڪجي ٿي ته حال جي ھلندڙ  حالتن ۽ مستقبل لاءِ  بھتر فيصلن خاطر  صدر رئيسي جو دورو ڪامياب رھندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.