پاڪستان هٿان ٻي ٽي ٽوئنٽي مئچ ۾ نيوزيلينڊ کي شڪست

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ٻي ٽي ٽوئنٽي مئچ ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ کي ستن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
راولپنڊي ۾ کيڏي ويندڙ مئچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي مهمان ٽيم کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
ٻي ٽوئنٽي مئچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم پاڪستان خلاف پهريان بيٽنگ ڪندي 90 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
قومي ٽيم طرفان شاهين آفريدي 3 وڪيٽون ورتيون، محمد عامر، شاداب خان ۽ ابرار احمد 2،2 شڪار ڪيا.
پاڪستان طرفان محمد رضوان 45 ۽ عرفان خان 18 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
ٽي وڪيٽون وٺڻ تي قومي ٽيم جي بالر شاهين آفريدي کي مئچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.