سنڌ جي هر ضلعي ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان

ميرپور خاص (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ صوبي جي هر ضلعي ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ميرپور خاص ۾ پيپلز بس سروس جي تقريب کي خطاب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي جي طرز تي سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به پيپلز بس سروس شروع ڪئي ويندي.
هن جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ٽن سالن ۾ صرف انتشار ئي پکيڙيو ۽ ڪو هڪ منصوبو ئي نه ڏنو ويو، 9 مئي تي پي ٽي آءِ وارن پيپلز بس سروس کي به نقصان پهچايو.
سڌ سماءُ واري وزير تقريب ۾ ٻڌايو ته ڪراچي جي عوام 30 ڪلو ميٽر جو سفر صرف 50 رپين ۾ ڪري رهيو آهي، اسان وڌيڪ بس سروس شروع ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.