فيض آباد ڌرڻي وارو معاهدو فيض حميد ۽ ٽي ايل پي تيار ڪيو

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي گهرو وزير ۽ ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال طرفان فيض آباد ڌرڻو ڪميشن بابت نئون انڪشاف سامهون آيو آهي. ميڊيا  رپورٽن موجب، احسن اقبال انڪشاف ڪيو آهي ته فيض آباد ۾ ٽي ايل پي جو ڌرڻو ختم ڪرائڻ وارو معاهدو آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد ۽ ٽي ايل پي تيار ڪيو هو. تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان معاهدو پهريان ڪيو ويو ۽ وزيراعظم کي پوءِ ڏيکاريو ويو. ڪميشن رپورٽ موجب، احسن اقبال چيو آهي ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسيءَ جڏهن معاهدو ڏٺو ته اعتراض ڪيو. وزيراعظم وزير جي استعيفيٰ ۽ فيض حميد جي معاهدي ۾ نالي تي اعتراض ڪيو جنهن تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته معاهدو ٿي ويو چڪو آهي ۽ صحيحون ٿي ويون آهن، پوئتي نٿا هٽي سگهون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.