اڊيالا جيل ۾ عدالتي ڪمري ۾ تبديلي، صحافي عمران کان سوال نه پڇي سگهندا

راولپنڊي ( م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف هڪ سئو نوي ملين پائونڊ واري ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ  راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ قائم عدالتي ڪمري جو نقشو تبديل ڪيو ويو آهي، انتظاميا ڪمري ۾ سيڪيورٽي انتظام پڻ سخت ڪري ڇڏيا آهن. عدالتي ڪمري ۾ ٽي شيشا لڳايا ويا آهن جڏهن ته ڪاٺ جي ڀتين کي نوَ فٽ مٿي ڪيو ويو آهي. ميڊيا باڪس ۾ ڪوريج لاءِ نيون ايس او پيس لاڳو ڪيو ويون آهن. نئين ايس او پيز تحت صحافين کي پي ٽي آءِ باني ۽ سندس وڪيلن کان عدالت جي ڪمري ۾ سوال ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، جڏهن ته ميڊيا باڪس ۾ ڪئميرا پڻ لڳائي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.