فيض آباد ڌرڻو شهبازشريف جي بزدلي سبب لڳو: اينڪر

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز ) فيض آباد ڌرڻو پنجاب جي تڏهوڪي وڏي وزير ميان شھباز شريف جي بزدلي جي ڪري پيش آيو، شھباز شريف  جي حالت اها آھي ته هو اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ بنا چانهھ به نه پيئندو آھي، اهڙو اظھار اينڪر نديم ملڪ پنهنجي پروگرام نديم ملڪ لائيو ۾ ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته جنرل فيض حميد کي ڪلين چٽ ملي وئي آھي جڏهن ته فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ موجوده چيف جسٽس قاضي فائز عيسي جنرل فيض حميد کي ذميوار قرار ڏنو هو جنهن تي هن جي خلاف جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس به موڪليو ويو هو۔ جڏهن ته پي ٽي آئي جي اڳواڻ شيخ وقاص چيو ته فيض آباد ڌرڻي ۾ ڪوتاهي ڪرڻ تي شھباز شريف خلاف ايف آئي آر داخل ٿيڻ گهرجي، ان رپورٽ کي پبلڪ ڪيو وڃي، وفاقي وزير ۽ مسم ليگ (ن) جي اڳواڻ مصدق ملڪ چيو ته فيض آباد ڌرڻي ۽ ڊان ليڪس ۾ اسٽيبلشمنٽ ملوث آھي،شيخ وقاص چيو ته اها پنجاب حڪومت جي نالائقي آھي۔ هن چيو ته ذميوارن کي پاڻ استعفي ڏئي گهر هليو وڃڻ گهرجي، مصدق ملڪ چيو ته نواز شريف اڄ ئي چوي ته شھباز شريف استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو، شيخ وقاص چيو ته نوازشريف کي سندس ئي گهرڀاتين ڊمپ ڪري ڇڏيو آھي ايتري قدر جو کيس عمري تي به گڏ نه وٺي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.