ملڪ کي بحران مان ڪڍڻو پوندو، صوبن سان برابري واري ورتاءُ جي ضرورت آهي

اسلام آباد ( م ڊ ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ کي تازي سياسي بحران مان ڪڍڻ جي ضرورت آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر  اياز صادق ۽ سينيٽ چيئرمين جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي پارليامينٽ ميمبرن عمران خان جي حق ۾ ۽ آصف زرداري جي خلاف نعريبازي ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته ملڪ کي تازي سياسي بحران ۾ ڪڍڻ جي ضرورت آهي، اسان اسان جي ملڪ ۾ دانشمندي ۽ پختگي جي ضرورت آهي، اميد آهي ته پارليامينٽ ميمبر اختيارن جو سوچي سمجهي استعمال ڪندا.  صدر چيو ته هر ماڻهوءَ ۽ صوبن سان گڏ قانون موجب هڪ جهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي، منهنجي راءِ ۾ اڄ هڪ نئون باب شروع ڪرڻ جو وقت آهي، اڄوڪي ڏينهن کي هڪ نئين شروعات طور ڏسو. هن چيو ته پنهنجن ماڻهن تي سيڙپڪاري ڪرڻ، عوامي ضرورتن تي ڌيان ڏيڻو پوندو، اسان کي پنهنجا وسيلا ڪتب آڻيندي گڏيل ترقي جا رستا کولڻا پوندا. سندس چوڻ هو ته اسان وٽ وڃائڻ لاءِ وقت نه آهي، پولرائزيشن کان هٽي ڪري موجودا دور جي سياست ڏانهن وڌڻ ملڪي ضرورت آهي، ايوان کي پالياماني عمل تي عوامي اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. صدر چيو ملڪ جن چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي انهن تي ضابطو آڻڻ ممڪن ناهي، ملڪي مسئلن جي حل لاءِ بامقصد ڳالهيون، پارلياماني اتفاق راءِ گهربل آهي، بنيادي مسئلن جي حل لاءِ سخت سڌارن تي وقت سر عمل درآمد يقيني بڻائڻو پوندو. هن چيو ته سياسي قيادت کي پٺتي پيل علائقن جي خاص ضرورتن کي ترجيح ڏڻي پوندي، حڪومت نوڪريون پيدا ڪرڻ، مهانگائي گهٽائڻ، ٽئڪس نيٽ وڌائڻ لاءِ معاشي سڌارا آڻي، آئيني فريم ورڪ تحت وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ هاڪاري سهڪار ۽ اثرائتي هم آهنگي اڻٽر آهي، گڏيل قومي ترقي، پاليسين تي عملدرآمد لاءِ صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ هم آهنگي ضروري آهي. آصف زرداري چيو ته معيشت جي بحالي لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ اسان جو بنيادي مقصد هئڻ گهرجي، حڪومت ڪاروباري ماحول سازگار بڻائڻ لاءِ سڌارن واري عمل کي تيز ڪري، مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جي سهولت لاءِ ڏکيا قانون آسان بڻائڻا پوندا. صدر چيو ته دهشتگردي هڪ ڀيرو وري ڪر کڻي رهي آهي، دهشتگردي سبب اسان جي قومي سلامتي، علائقائي امن ۽ خوشحالي جو خطرو آهي، پاڪستان دهشتگردي کي هڪ گڏيل خطرو سمجهي ٿو، دهشتگردي سان مقابلي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڙيسري ملڪن مان دهشتگرد گروهن جو سختي سان نوٽيس وٺڻ جي اميد رکون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي فخر آهي، اسان دشمن عنصرن کي اهم رٿائن کي خطري ۾ وجهڻ، ٻن ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي ڪمزور ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. صدر چيو ته اسان کي پنهنجي وسيلن کي ڪتب آڻي جامع ترقيءَ جا رستا کولڻا پوندا، تعصب کان هٽي ڪري عصر حاضر جي سياست ڏانهن وڌڻو پوندو، ان ايوان ذريعي قوم جي پائيدار ترقي ۽ بي پناهه ترقيءَ جو بنياد رکيو وڃي ياد رهي ته قائداعظم، ذوالفقار ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جمهوريت، وفاداري، رواداري ۽ سماجي انصاف جا علمبردار هئا. هن چيو ته اڄ پارلياماني سال جي شروعات تي مستقبل جو ويزن مختصر طور بيان ڪندس. ماضي ۾ صدر جي حيثيت سان منهنجا اهم فيصلن تاريخ رقم ڪئي. وزيراعظم، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ڪاميابي ۽ عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، ٻيو ڀيرو صدر چونڊجڻ تي پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جو ٿورائتو آهيان. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن جي سفيرن، فرسٽ سيڪريٽريز ۽ چارج ڊي افيئرز پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ برطانيا، آمريڪا، فرانس، ملائيشيا، انڊونيشيا، برونائي دارالسلام، عمان ۽ بنگلاديش جا سفير پڻ پهتا، سعودي عرب، پورچوگال، تاجڪستان، ڪرغزستان جي سفيرن شرڪت ڪئي، آذربائيجان، رومانيا جي فرسٽ سيڪريٽري پڻ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.