صدر جي خطاب دوران پي ٽي آءِ سميت مخالف ڌر جو گوڙ، نعري بازي

اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف جي ميمبرن عمران خان جون تصويرون به کڻي آيا، جمشيد دستي صدر جي سامهون عمران خان جي تصوير وارو پوسٽر رکي ڇڏيو. پي ٽي آءِ ميمبر ايوان ۾ سيٽيون وڄائيندا ۽ گوڙ ڪندا رهيا جنهن جي نتيجي ۾ ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. پي ٽي آءِ ميمبرن ڊائس جو گهيرو ڪيو، گوزرداري گو ۽ گونواز گو جا نعرا هڻندا رهيا.  هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي صدر آصف علي زرداري جي خطاب تي سخت تنقيد ڪئي آهي. صدر جي خطاب کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي تنقيد ڪئي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيو ته اڄ توهان سڀني هڪ غير قانوني صدر جو خطاب ٻڌو، مون اپوزيشن ليڊر جي حيثيت سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڳالهائڻ نه ڏنو ويو. هن ايوان ۾ قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. ان کان علاوه پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته اڄوڪي اجلاس ۾ آصف زرداري کي 21 توپن جي سلامي پيش ڪئي، هي صدر، وزيراعظم ۽ سموري ڪابينا غير قانوني آهي. بئريسٽر گوهر دعويٰ ڪئي ته اسان پاڪستان جي صدر کي اڌوري تقرير ڪرڻ تي مجبور ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.