ديري اسماعيل خان ۾ فائرنگ، 4 ڪسٽم اهلڪارن سميت 6 ڄڻا مارجي ويا

ديرو اسماعيل خان (م ڊ) ديري اسماعيل خان ۾ نامعلوم جي فائرنگ سبب ڪسٽم جا 4 اهلڪار مارجي ويا. پوليس موجب  فائرنگ جو واقعو ديري اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ پيش آيو جتي نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪسٽم جا 4 اهلڪار مارجي ويا. شروعاتي جاچ موجب ڪسٽم اهلڪار معمول جي ڊيوٽي هئا، جوابدارن  گاڏي تي فائرنگ ڪئي، فائرنگ کان پوءِ جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ڊرائيور ۽ واٽهڙو به نشانو بڻيا،  هڪ ٻارڙيءَ سميت 2 ڄڻا زخمي به ٿيا .پوليس موجب جوابدارن جي فائرنگ ۾ هڪ معصوم ٻارڙي ۽ هڪ  واٽهڙو به زخمي ٿي پيا آهن.

  • پرويز خٽڪ جون پ پ ۾ شموليت لاءِ ڪوششون تيز

پشاور (م ڊ) اڳوڻي دفاع واري وزير ۽  پي ٽي آءِ اڳواڻ پرويز خٽڪ پيپلز پارٽي ۾ شموليت جي لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن.  ذريعن موجب پرويز خٽڪ پيپلز پارٽي جي ڪيترن ئي اڳواڻن سان مشاورت به مڪمل ڪري ورتي آهي. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پرويز  خٽڪ جي پيپلز پارٽي جي اعليٰ اڳواڻن سان اهم گڏجاڻي جو امڪان آهي. ٻئي طرف ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته پيپلز پارٽي جا ڪجهه صوبائي اڳواڻ پرويز خٽڪ جي شموليت جي حق ۾ نه آهن، پرويز خٽڪ جي پ پ ۾ شموليت ۾ سڀني کان وڌيڪ رنڊڪ نوشهره کان ٿي رهي آهي. مقامي پ پ اڳواڻ جو چوڻ  آهي ته پارٽي جي سياست ۾ ڳالهين جا دروازا هر وقت کليل رهندا آهن. ياد رهي ته پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي پرويز خٽڪ سان ڳالهيون جاري آهن پر ان ۾ شموليت جو حتمي فيصلو نه ٿيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.