سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي خط جي جاچ لاءِ درخواست داخل

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي عدالتي ڪم ڪار ۾ مداخلت واري معاملي جي جاچ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار سپريم ڪورٽ آئيني درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. درخواست ۾ التجا  ڪئي وئي آهي ته عدالت هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط جي روشني ۾ شفاف جاچ ڪري عدليه جي توهين ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. وڌيڪ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن معاملو سپريم جڊيشل ڪائونسل سان لاڳاپيل آهي ته عدالت نظرثاني لاءِ سفارشون ڪائونسل کي موڪلي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آزاد عدليه آئين جو بنياد ۽ انصاف جو واحد ذريعو آهي، عدليه جي آزادي تي ڪنهن به صورت ۾ ٺاهه قبول ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.