گڏيل پارليامينٽ کي خطاب: صدر زرداري، اپوزيشن کي اخلاقي مار ڏيڻ جو موقعو وڃائي ڇڏيو

تحرير: زرار پيرزادو

¨ ڪالهه صدر مملڪت آصف علي زرداري جنهن ٻيو ڀيرو ملڪ جي صدر بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي تنهن جي گڏيل پارلياماني ميمبرن کي ڪيل هن حڪومت جي پهرين خطاب ۾ روايتي طور تي اپوزيشن جماعتن تحريڪ انصاف ۽ سني اتحاد جي ميمبرن گوڙ ڪيو، گو زرداري گو جي نعريبازي ڪئي، سيٽيون وڄايون ۽ پاڻ مٿان جڳ کلايو ته معزز پارلياماني ميمبرن قانون ساز اداري کي حسب معمول تماشو بڻايو.

¨ صدر مملڪت جي خطاب ۾ جيتوڻيڪ ان قسم جي روايت خود پ پ وڌي بينظير ڀٽو تڏهن اپوزيشن ليڊر هئي ۽ ان جي جماعت پهريون ڀيرو صدر اسحاق خان جي گڏيل پارلياماني ميمبرن کي ڪيل خطاب دوران گو بابا گو جا نعرا لڳايا هيا. ڇو ته هن ان کان اڳ پ پ جي چونڊيل حڪومت کي برطرف ڪيو هو.

¨ ان لحاظ کان اهو احتجاج هڪ غير جمهوري صدر جي خلاف هو ۽ پوءِ اهو سلسلو صدر مشرف تائين هلندو رهيو پر صدر زرداري ته جمهوري ۽ چونڊيل صدر آهي. هن پارلياماني ۽ جمهوري سياست کي مضبوط ڪرڻ لاءِ موجوده دور جي سڀني سياستدانن کان نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي.

¨ اهو آصف زرداري ئي آهي جنهن مضبوط صدر وارا اختيار پاڻ وٽ رکڻ بدران پارليامينٽ کي ڏنا. هن اٺين ترميم جي اها شق به ختم ڪرائي جيڪا صدر مملڪت کي اسيبليون ٽوڙڻ جا اختيار پئي ڏي. اهو به آصف زرداري آهي جنهن جي صدارتي دور ۾ 18 هين ترميم ذريعي صوبن کي خودمختياري ملي.

¨ اهو به آصف زرداريءَ ئي آهي جنهن پارليامينٽ جي بقا ۽ بالادستي لاءِ سڄي ڄمار جدوجهد ڪئي ۽ جڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ پي ڊي ايم جون جماعتون قومي اسيمبلي مان استيعفيٰ استعيفائون ڏئي ڪري پارلياماني بحران پيدا ڪري رهيون هيون ته اهو آصف زرداري ئي هيو جنهن انهن جماعتن کي استعيفيٰ کان روڪي، تڏهوڪي وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي جي تحريڪ آڻي کيس آئيني ۽ جمهوري طور ووٽ ذريعي برطرف ڪيو هو.

¨ سو صدر مملڪت آصف زرداري جو ڪردار تاريخي طور پارليامينٽ جي مضبوطي لاءِ رهيو آهي ان خلاف اپوزيشن جو اهو احتجاج بلڪل به نامناسب هو. واضح رهي ته اهو به آصف زرداري ئي هو جنهن پي ٽي آءِ کي 2024 وارين چونڊن کان پوءِ گڏيل حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني هئي جيڪا ان قبول نه ڪئي.

¨ صدر آصف زرداريءَ بهرحال هڪ سينيئر پارليامينئر طور اپوزيشن جي ان گوڙ ۾ به کلندي مرڪندي خطاب ڪيو ۽ ڪنهن به پريشاني جو تاثر نه ڏنو ڇاڪاڻ ته هو پارليامينٽ جي ان ماحول کان چڱي ريت واقف هو. اهڙي ماحول ۾ ڪيئن خطاب ڪجي. تنهن جو صدر مملڪت کي وسيع تجربو هو.

¨ پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڪمي رڳو هڪ ڳالهه جي هئي ته ان موقعي تي صدر مملڪت اپوزيشن جماعتن جي حقن ۽ کين گڏ کڻي هلڻ جو ذڪر نه ڪيو. ڪاش ان موقعي تي هو اهو جملو چئي ها ته ”پارليامينٽ اندر اوهان کي اڄ هي شور شرابي جو جيڪو حق مليل آهي تنهن ماحول ٺاهڻ لاءِ اسان نه رڳو سڄي ڄمار جدوجهد ڪئي، جيلن ۾ وياسين پر اسان جي ليڊرن ان لاءِ پنهنجيون جانيون به قربان ڪيون. ايئن هو اپوزيشن کي اخلاقي مار ڏئي پيو سگهي جنهن جو موقعو هن وڃائي ڇڏيو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.